bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Micah 1
Micah 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 2 →
1
خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتيءَ تي نازل ٿيو، جو هن سامريہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.
2
اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي.
3
ڇالاءِ جو ڏس، خداوند پنهنجي جاءِ تان نڪري اچي ٿو، ۽ هيٺ اچي زمين جي مٿانهن مڪانن کي لتاڙيندو.
4
۽ جبل سندس هيٺان ڳري ويندا، ۽ واديون ڦاٽي پونديون، جيئن ميڻ باهہ جي اڳيان، يا جيئن پاڻي اُڀ ڪپريءَ تان هيٺ وهي.
5
ڇالاءِ جو اهو سڀ يعقوب جي قصور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي گناهن ڪري آهي. يعقوب جو قصور ڪهڙو آهي؟ اهو سامريہ ناهي ڇا؟ ۽ يهوداہ جا مٿانهان مڪان ڇا آهن؟ اُهي يروشلم ناهن ڇا؟
6
تنهنڪري آءٌ سامريہ کي ڀترن جو ڍير، ۽ ڊاک جي منهہ وانگر ڪندس، ۽ سندس پهڻ ڪيرائي واديءَ ۾ اُڇلائيندس، تہ جيئن سندس بنياد ڏسڻ ۾ اچن.
7
۽ ان جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون وينديون ۽ اُن جون سڀ انعامي شيون باهہ ۾ ساڙيون وينديون، ۽ ان جا سڀ بُت آءٌ ويران ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن ڪڃريءَ جي ڀاڙي مان اهي سڀ گڏ ڪيا آهن، ۽ اُهي موٽي بہ ڪڃريءَ جي انعام لاءِ ويندا.
8
انهي لاءِ آءٌ روئندس ۽ رڙندس، ۽ آءٌ اُگهاڙو گهمندس: آءٌ گدڙن وانگي ڪوڪون ۽ اُٺ پکين وانگي ماتم ڪندس.
9
ڇالاءِ جو هن جا ڦٽ ڇُٽڻ جا ناهن: ۽ اُهو يهوداہ تائين، بلڪ منهنجي قوم جي دروازي تائين، يعني يروشلم تائين، اچي پهتو آهي.
10
جات ۾ انهي جي خبر نہ ڏيو، بلڪل نہ روئو، بيت عفرہ ۾ آءٌ مٽيءَ ۾ ليٽيو آهيان.
11
اي سفير جا رهندڙ، اُگهاڙا ۽ شرمندا ٿي لنگهي وڃو: ضانان جا رهاڪو ٻاهر نڪري نٿا سگهن؛ بيت ايضل جي ماتم جي ڪري سندس پناهہ اوهان کان کسي ويندي.
12
ڇالاءِ جو ماروت جو رهاڪو چڱائي جي لاءِ ڏاڍو منتظر ٿي رهي ٿو: پر خرابي خداوند وٽان يروشلم جي دروازي تائين پهتي آهي.
13
اي لڪيس جا رهاڪو، تکي گهوڙي جي گاڏي تيار ڪريو. تو شروع کان صيون کي گناهہ ڪرايو، ڇالاءِ جو اسرائيل جا قصور بہ تو ۾ لڌا ويا.
14
تنهنڪري تون مورست جات کي طلاق ڏيندين: اڪذيب جا گهراڻا اسرائيل جي بادشاهن سان دغابازي ڪندا.
15
اي مريسہ جا رهاڪو، آءٌ توتي قبضو ڪندڙ آڻيندس، جو تنهنجو مالڪ ٿيندو: اسرائيل جو جلال عدلام تائين بہ ايندو.
16
پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7