bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Micah 3
Micah 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 4 →
1
مون چيو تہ اي يعقوب جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اوهين ٻڌو: اوهان کي مناسب ناهي ڇا تہ اوهين عدالت کان واقف هجو؟
2
اوهين جي نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو، جي انهن جي کل پَٽي لاهي ٿا وٺو، ۽ انهن جو گوشت سندن هڏن تان روڙي ٿا وٺو؛
3
جي منهنجي اُمت جو گوشت ٿا کائو ۽ هنن جي کل لاهي ٿا وٺو ۽ هنن جا هڏا ڀڃي ٿا ڇڏيو: هائو، بلڪ هنن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ٿا ڪريو، جيئن رڌڻ جي ٿانوَ لاءِ ڪبو آهي، ۽ ديڳ ۾ گوشت ٿيندو آهي.
4
تڏهن هو خداوند کي سڏيندا پر هو جواب نہ ڏيندن: هائو، انهي وقت هو پنهنجو منهن انهن کان لڪائيندو، ڇالاءِ جو هنن خراب ڪم ڪيا آهن.
5
جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:
6
تنهنڪري اوهان جي لاءِ رات ٿيندي، ۽ اوهين ڪوبہ رويا ڪونہ ڏسندا، ۽ اوهان جي لاءِ اونداهي ٿيندي، تہ اوهين ڪابہ فال نہ وجهو؛ ۽ نبين تان سج لهي ويندو، ۽ انهن جي مٿان ڏينهن ڪارو ٿي ويندو.
7
۽ غيب دان شرمندا ٿيندا، ۽ فالون وجهندڙ لڄي ٿيندا؛ هائو، هو سڀ پنهنجا چپ ڍڪيندا، ڇالاءِ جو خدا وٽان جواب ڪونہ ايندو.
8
پر آءٌ سچ پچ خداوند جي روح جي ڪري بلڪل طاقت وارو آهيان ۽ عدالت ۽ طاقت سان ڀريل آهيان، تہ يعقوب کي سندس قصور ۽ اسرائيل کي سندس گناهہ ظاهر ڪري ٻڌايان.
9
اي يعقوب جي گهراڻي جا سردار ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا حاڪم، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌو، ڇالاءِ جو اوهين عدالت کي ڌڪاريو ٿا ۽ انصاف کي اونڌو ٿا ڪريو.
10
اوهين صيون کي رت سان ۽ يروشلم کي بي انصافي سان ٿا اڏيو.
11
انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.
12
تنهنڪري، اوهان جي سبب صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم دڙا ٿي ويندو، ۽ هن گهر جو جبل ٻيلي جي مٿانهين جڳهن جهڙو ٿيندو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7