bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Micah 4
Micah 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 5 →
1
پر پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، تہ خداوند جي گهر وارو جبل سڀني جبلن جو سردار ٿيندو ۽ قائم رهندو، ۽ قومون انهي ۾ لڏي اينديون.
2
۽ گهڻيئي قومون چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل تي، ۽ يعقوب جي خدا جي گهر ڏي چڙهي هلون؛ ۽ اسين سندس رستن تي هلنداسين، ۽ هو اسان کي پنهنجون راهون سيکاريندو: ڇالاءِ جو شريعت صيون مان نڪرندي ۽ خداوند جو ڪلام يروشلم مان.
3
۽ هو گهڻين قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ زور وارين قومن کي ملامت ڪندو؛ هو پنهنجين ترارن کي ڪٽي انهن مان هرن جا ڦار ٺاهيندا، ۽ پنهنجن ڀالن مان ڏاٽا ٺاهيندا: قوم، قوم تي ترار نہ کڻندي، نڪي اڳتي وري هو جنگ ڪرڻ سکندا.
4
پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.
5
هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي خدا جي نالي تي هلندي، ۽ اسين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هلنداسين.
6
خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ اُنهن کي گڏ ڪندس جي منڊڪائين ٿا، ۽ انهن کي ميڙيندس جي هڪالجي ويا آهن، ۽ انهن کي جي مون ڏکي ڪيا آهن؛
7
۽ جن منڊڪايو ٿي تن کي باقي بچيل، ۽ جي جلاوطن هئا تن کي هڪڙي زور واري قوم بنائيندس: ۽ اڄ کان وٺي هميشہ تائين صيون جي جبل تي خداوند اُنهن تي بادشاهي ڪندو.
8
اي ڌڻ جا ٺلهہ، اي صيون جي ڌيءَ جي ٽڪري، اهو تنهنجي لاءِ ٿيندو، يعني اها اڳين حڪومت جا يروشلم جي ڌيءَ جي بادشاهت آهي سا توکي ملندي.
9
سو هاڻي تون ڇو ٿي رڙيون ڪرين؟ تو ۾ ڪو بادشاهہ ناهي ڇا، يا تنهنجو ڪو صلاحڪار مري ويو آهي ڇا، جو توکي ويم جي سورن اچي ورايو آهي؟
10
اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو.
11
هاڻي گهڻيئي قومون اچي تنهنجي برخلاف گڏ ٿيون آهن، ۽ چون ٿيون تہ ڀلي اها ڳالهہ پوري ٿئي، تہ اسان جون اکيون صيون کي ڏسي خوش ٿين.
12
پر هنن کي خداوند جي خيالن جي خبر ڪانهي، ۽ نہ هو انهي جي مصلحت سمجهن ٿا، ڇالاءِ جو هن انهن کي ائين گڏ ڪيو آهي، جيئن گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.
13
اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7