bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Micah 5
Micah 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 6 →
1
تنهنڪري اي لشڪرن جي ڌيءَ، پنهنجا لشڪر گڏ ڪري تيار ٿيءُ: هن اسان جي چوگرد گهيرو ڪيو آهي: هو اسرائيل جي حاڪم کي ڳلي تي لٺ ٿا هڻن.
2
پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.
3
تنهنڪري هو انهن کي تيستائين ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ جنهن کي سور ٿيا آهن سا ڪجهہ ڄڻي: جڏهن سندس ڀائرن مان جيڪي باقي بچيل آهن سي بني اسرائيل سان گڏ موٽي ايندا.
4
۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.
5
۽ هو اسان جي سلامتي ٿيندو: جڏهن اسوري اسان جي زمين ۾ ايندا، ۽ جڏهن هو اسانجن محلاتن ۾ پير گهمائيندا، تڏهن اسين ست ڌنار بلڪ اٺ سردار مٿن چاڙهي آڻينداسين.
6
۽ اُهي ترار سان اسور جي ملڪ کي ۽ نمرود جي زمين کي اندر گهڙڻ وارين جاين تائين، ويران ڪندا، ۽ هو اسان کي اسور کان بچائيندو، جڏهن اُهو اسان جي ملڪ ۾ ايندو ۽ اسان جي سرحد ۾ پير رکندو.
7
۽ يعقوب جا باقي رهيل گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا جيئن خداوند وٽان ماڪ، ۽ جيئن گاهہ تي مينهن ٿيندو آهي؛ جو نہ ماڻهو لاءِ ترسي ٿو ۽ نہ بني آدم لاءِ ترسي ٿو.
8
۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.
9
ڀلي تہ تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن تي غالب پئي، ۽ ڀلي تہ تنهنجا سڀ ويري وڍجي وڃن.
10
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ آءٌ تنهنجي وچ مان تنهنجا گهوڙا وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجون گاڏيون ناس ڪري ڇڏيندس.
11
۽ آءٌ تنهنجي ملڪ جا شهر چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏيندس:
12
۽ آءٌ تنهنجن هٿن مان جادوگريون وڍي ڇڏيندس، ۽ تو وٽ اڳتي وري ڪي بہ فال وجهندڙ نہ رهندا.
13
۽ آءٌ تنهنجون اُڪريل مورتون ۽ تنهنجا ٿنڀ تنهنجي وچ مان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تون اڳتي وري پنهنجن هٿن جي جوڙيل شين جي عبادت نہ ڪندين.
14
۽ آءٌ تنهنجون يسيرتون تنهنجي وچ مان پَٽي ڪڍندس، ۽ آءٌ تنهنجا شهر ناس ڪندس.
15
۽ آءٌ غصي ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ انهن قومن کان وير وٺندس جن منهنجي نہ ٻڌي آهي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7