bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Corinthians 10
2 Corinthians 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 11 →
1
هاڻي آءٌ پولس ، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ
2
جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت دنياوي آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.
3
جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙهون،
4
ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،
5
يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي خدا کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي تابع ٿا ڪريون.
6
سو اسين تيار آهيون تہ جڏهن اوهين پوريءَ طرح تابعدار ٿي ويندا، تڏهن اسين هر طرح جي نافرماني ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.
7
اوهين رڳو ظاهري صورت تي نظر ڪريو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اهو يقين آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهيءَ کي وري دل ۾ اهو بہ سوچڻ گھرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي، تيئن اسين بہ آهيون.
8
خداوند عيسيٰ اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.
9
اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي خطن ذريعي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.
10
بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“
11
اهڙا ماڻهو سمجھي ڇڏين تہ جهڙو پرپٺ اسين خطن ۾ لکون ٿا، تهڙو ئي روبرو عمل بہ ڪريون ٿا.
12
اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي جرئت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا بڻجن.
13
پر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين. اسان جو خدمت وارو فخر رڳو انهيءَ حد جي اندر هوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آهي، جنهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو.
14
جيڪڏهن اسين اوهان تائين نہ پهچون ها تہ پوءِ اسان جو فخر حد کان وڌيڪ ليکجي ها. پر اسان تہ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندي اوهان تائين پهريائين پهچي ويا هئاسين.
15
اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو،
16
تہ جيئن اسين اوهان جي سرحد کان پري وارن علائقن ۾ بہ خوشخبري ٻڌايون. اسين نہ ٿا چاهيون تہ ڪنهن ٻئي جي ڪيل ڪم تي فخر ڪريون.
17
بهرحال پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“
18
ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو خداوند آڏو سچو آهي.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13