bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Corinthians 11
2 Corinthians 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 12 →
1
ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي بيوقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو.
2
مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.
3
پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.
4
اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي عيسيٰ جي باري ۾ ڪا ٻي منادي ڪري ٿو، جيڪا منادي اسان نہ ڪئي هئي. ان کان علاوہ اوهين مليل پاڪ روح جي بدران ٻيو روح قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.
5
اهڙي منادي ڪرڻ وارا، جن کي اوهين تمام وڏا رسول ٿا سمجھو، تن کان آءٌ پاڻ کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ ٿو سمجھان.
6
پر جيڪڏهن آءٌ تقرير ڪرڻ ۾ ماهر نہ بہ هجان تہ بہ علم ۾ گھٽ نہ آهيان ۽ اهو اسان هر وقت ۽ هر ڳالهہ ۾ اوهان جي اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
7
ڀلا ڇا منهنجو ڏوهہ اهو آهي جو مون اوهان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائڻ سان پنهنجو پاڻ کي هيٺاهون ڪيو تہ جيئن اوهان جو مان مٿاهون ٿئي؟
8
ڏسو، جڏهن آءٌ اوهان منجھہ خدمت ڪري رهيو هئس، تڏهن ٻين ڪليسيائن منهنجي مدد پئي ڪئي. ائين ڄڻ تہ آءٌ اوهان جي خاطر انهن کي ڦري رهيو هئس.
9
جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان ايمان وارن اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس.
10
مسيح جو حق سچ جيڪو مون ۾ آهي، تنهن کي اڳيان رکي چوان ٿو تہ اوهان جي صوبي اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انهيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ روڪي نہ ٿو سگھي.
11
آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ آءٌ اوهان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوهان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.
12
اوهان تي بار نہ ٿيڻ بابت آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪريان ٿو سو ڪندو رهندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رهندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اهي فخر سان چون تہ هو بہ اسان جهڙي ئي خدمت ڪن ٿا.
13
حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو رسول نہ، پر ڪوڙا ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آهن جيڪي روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جهڙو ٿا بڻائين.
14
انهيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان بہ روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي هڪ نوراني ملائڪ جهڙو بڻائي ٿو.
15
تنهنڪري جيڪڏهن شيطان جا خادم بہ پنهنجو روپ مَٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جهڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونهي. پر انهن جي پڇاڙي سندن عملن مطابق ٿيندي.
16
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ مون کي ڪوبہ بيوقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏهن اوهين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بيوقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.
17
جيڪي ڪجھہ آءٌ هاڻي چوان ٿو سو خداوند عيسيٰ وانگر نہ، پر هڪ بيوقوف وانگر پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري ائين چوان ٿو
18
جيئن ٻيا گھڻا ئي ماڻهو جسماني طور فخر ڪن ٿا. آءٌ بہ اهڙو ئي فخر ڪندس،
19
ڇاڪاڻ تہ اوهين ايترا تہ ڏاها آهيو جو بيوقوفن کي بہ خوشيءَ سان برداشت ڪريو ٿا.
20
ڏسو، جڏهن ڪو اوهان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوهان کي لٽي ڦري ٿو، يا اوهان کي ڦاسائي ٿو، يا اوهان تي رعب ٿو ڄمائي، يا اوهان جي منهن تي چماٽ ٿو هڻي تہ اوهين برداشت نہ ٿا ڪريو ڇا؟
21
آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور هئاسين. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آهي تہ آءٌ بيوقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آهيان.
22
ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.
23
ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.
24
مون يهودين جي هٿان پنج دفعا اوڻيتاليهہ اوڻيتاليهہ ڪوڙا کاڌا.
25
ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، هڪ دفعو پٿر هنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن وچ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيم.
26
آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رهيو آهيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنهنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شهر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ايمان وارن جي خطرن ۾.
27
مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان.
28
اهڙين ٻين ڳالهين کان علاوہ سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي هميشہ مون تي بار وانگر ٿي رهي.
29
ڪنهن کي ڪمزور ڏسي سندس ڪمزوريءَ ۾ آءٌ پاڻ بہ شامل نہ ٿو ٿيان ڇا؟ جڏهن ڪنهن کي گمراهہ ٿيندي ڏسان ٿو تہ ڇا منهنجي دل نہ ٿي سڙي؟
30
جيڪڏهن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انهن ڳالهين تي فخر ڪندس، جيڪي منهنجي ڪمزوري ظاهر ڪن ٿيون.
31
خداوند عيسيٰ جو پيءُ يعني خدا، جنهن جي شل هميشہ تائين واکاڻ هجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.
32
دمشق شهر جي گورنر، جيڪو ارتاس بادشاهہ جي هٿ هيٺ هو، تنهن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشق جي دروازن تي پهرو بيهاري ڇڏيو هو.
33
پر آءٌ هڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان هيٺ لاٿو ويس ۽ هن جي هٿان بچي نڪتس.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13