bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Corinthians 13
2 Corinthians 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
1
جيئن تہ توريت ۾ لکيل آهي تہ ”ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ثابت ٿي ويندي،“ سو ياد رکو تہ هي ٽيون دفعو آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن پيو اچان.
2
جڏهن اڳئين دفعي آءٌ اوهان وٽ موجود هئس، تڏهن اوهان کي ان وقت ئي آگاهہ ڪيو هئم. هاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ اڳي کان گناهہ ڪندڙن توڙي ٻين سڀني کي ٻيهر آگاهہ ٿو ڪريان تہ جڏهن آءٌ وري ايندس تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس.
3
انهيءَ مان اوهان کي پنهنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منهنجي معرفت ڳالهائي ٿو. هو اوهان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آهي، پر اوهان ۾ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري ٿو.
4
هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي صليب تي چڙهي ويو، تڏهن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيئرا رهندي اسين خدا جي قدرت سان اوهان سان واسطو رکنداسين.
5
اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ عيسيٰ مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو.
6
پر مون کي اميد آهي تہ اوهين سچا ثابت ٿي ڄاڻي وٺندا تہ اسين اوهان منجھہ خدمت ڪرڻ ۾ سچا ثابت ٿي ويا آهيون.
7
هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انهيءَ لاءِ نہ، تہ اسين سچا ڏسڻ ۾ اچون، پر انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي ئي ڪم ڪريو جيڪي چڱا هجن، توڙي جو اسين سچا نہ سمجھيا وڃون.
8
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين حق سچ جي خلاف کڙا ٿي نہ ٿا سگھون، پر رڳو ان جي حمايت ڪري ٿا سگھون.
9
سو جيڪڏهن اوهين سچپچ طاقتور آهيو تہ پوءِ اسين پنهنجي ڪمزور هجڻ ۾ خوش آهيون ۽ اها بہ دعا ٿا گھرون تہ اوهين بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو.
10
آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.
11
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح خدا جيڪو محبت ۽ سلامتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.
12
هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀيئي اوهان کي سلام ٿا ڏين.
13
شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ خدا جو پيار ۽ پاڪ روح جي صحبت اوهان سڀني سان هجي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13