bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Corinthians 12
2 Corinthians 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 13 →
1
ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند عيسيٰ کان مليا آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.
2
آءٌ مسيح جي هڪڙي پوئلڳ کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏهن سال اڳي اوچتو عرش عظيم تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آهي تہ هو بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اهو خدا ئي ڄاڻي ٿو.
3
هائو، رڳو خدا ڄاڻي ٿو تہ اهو شخص بدن سميت يا بدن کان سواءِ
4
اوچتو بهشت ۾ پهچايو ويو. اتي هن اهڙيون زبردست ڳالهيون ٻڌيون جن کي بيان ڪرڻ جي ڪنهن بہ انسان کي اجازت نہ آهي.
5
جيتوڻيڪ اهو شخص آءٌ پاڻ آهيان، تنهن هوندي بہ انهيءَ باري ۾ آءٌ رڳو ٻئي شخص تي فخر ڪندس. آءٌ رڳو پنهنجي ڪمزورين جي ڪري پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندس.
6
پر جيڪڏهن آءٌ فخر ڪرڻ گھران، تہ بہ بيوقوف نہ هوندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ حقيقت بيان ڪريان ٿو. پر آءٌ انهيءَ ڪري پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻهو، جهڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنهن کان وڌيڪ سمجھي.
7
انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.
8
هن بابت مون ٽي دفعا خداوند عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ اهو مون کان پري ڪيو وڃي.
9
پر هن مون کي چيو تہ ”منهنجو فضل تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ تنهنڪري هاڻي آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنهنجي ڪمزورين تي ئي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منهنجي مٿان ڇانيل رهي.
10
سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بيعزتين ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.
11
آءٌ بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي تعريف نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا رسول سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.
12
جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس تہ مون وڏي بردباريءَ سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن ذريعي اوهان تي اها حقيقت ظاهر ڪئي تہ آءٌ رسول آهيان.
13
ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اوهين ٻين ڪليسيائن کان گھٽ ٿيا، سواءِ هن جي تہ آءٌ اوهان تي بار نہ ٿيس؟ جيڪڏهن اها غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو.
14
هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماءُ پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماءُ پيءُ جي لاءِ.
15
تنهنڪري آءٌ اوهان جي خاطر وڏي خوشيءَ سان پنهنجو سڀ ڪجھہ خرچ ڪري ڇڏيندس، بلڪ پنهنجي جان بہ ڏيئي ڇڏيندس. سو جڏهن آءٌ اوهان سان ايڏو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ ڇو اوهين مون سان گھٽ پيار ٿا ڪريو؟
16
بس! اهو ظاهر ٿي ويو تہ آءٌ اوهان تي بار نہ بڻيس. پر ڪي وري ائين چون ٿا تہ مون چالاڪي ڪري اوهان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو.
17
ڀلا مون پنهنجي موڪليل ماڻهن مان ڪنهن جي بہ وسيلي اوهان کان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟
18
مون طيطس کي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوهان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنهي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ هلياسين ڇا؟
19
ڇا اڃا تائين اوهين ائين سمجھو ٿا تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيا آهيون؟ نہ، اسين تہ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي مسيح جا هئڻ جي حيثيت سان ڳالهايون ٿا. اي عزيزؤ! هي سڀ ڪجھہ اوهان جي روحاني ترقيءَ لاءِ آهي.
20
تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.
21
هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو خدا متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناهہ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13