bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Corinthians 3
2 Corinthians 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 4 →
1
ڇا اسين وري بہ پنهنجين خوبين جو بيان پيا ڪريون؟ يا ڇا اسان کي ڪن ماڻهن وانگر سفارشي خط اوهان وٽ آڻڻ يا اوهان کان وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي؟
2
نہ، اسان جو خط تہ اوهين پاڻ آهيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آهي ۽ جنهن کي سڀ ماڻهو پڙهي ۽ سمجھي سگھن ٿا.
3
اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.
4
اها ڳالهہ مسيح جي وسيلي خدا تي اسان جي اعتماد جو اظهار آهي.
5
ائين نہ آهي تہ اسين پنهنجو پاڻ انهيءَ لائق آهيون جو ڪنهن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آهي.
6
اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين عهد جا خدمتگار هئڻ جي لائق ڪيو. اهو عهد لکيل شريعت جو نہ پر پاڪ روح جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل شريعت جو اثر موت آهي جڏهن تہ پاڪ روح زندگي ڏئي ٿو.
7
هاڻي موت وارو اهو عهد جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي خدمت اهڙي تہ جلوي واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اهو جلوو عارضي هو ۽ هاڻي نہ رهيو آهي.
8
سو جيڪڏهن موت واري اها خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ پاڪ روح جي خدمت ڪيڏي نہ وڌيڪ جلوي واري هوندي!
9
هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي.
10
حقيقت ۾ جيڪو عهد ڪنهن وقت جلوي وارو هو، سو هن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري عهد جي ڪري بيجلوي ٿي پيو.
11
سو جيڪڏهن اها فنا ٿيندڙ شيءِ جلوي واري هئي تہ هيءَ بقا واري شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي واري هوندي!
12
تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا.
13
سو اسين ائين نہ ٿا ڪريون جيئن موسيٰ ڪيو، جنهن پنهنجي منهن تي پردو ٿي وڌو تہ جيئن بني اسرائيل انهيءَ جلوي تي غور نہ ڪن، جيڪو گھٽجندڙ ۽ فنا ٿيندڙ هو.
14
پر هنن جا دماغ اهڙا تہ بند ڪيا ويا جو اڄ ڏينهن تائين پراڻي عهدنامي جي پڙهڻ وقت اهو ساڳيو پردو رهي ٿو ۽ اهي سچ کي سمجھي نہ ٿا سگھن. اهو پردو رڳو مسيح ۾ ئي کڄي وڃي ٿو.
15
هائو، اڄ ڏينهن تائين جڏهن بہ موسيٰ جو توريت پڙهيو وڃي ٿو، تڏهن سندن دلين تي پردو پيل رهي ٿو.
16
پر جڏهن بہ ڪنهن جي دل خداوند ڏانهن ڦري اچي ٿي تڏهن اهو پردو کڄي وڃي ٿو.
17
هتي خداوند مان مراد زندگي ڏيندڙ پاڪ روح آهي ۽ جتي خداوند جو روح آهي اتي آزادي آهي.
18
سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13