bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
John 1
John 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 2 →
1
دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود هو، ڪلام خدا سان هو ۽ ڪلام خدا هو.
2
اهو ئي شروعات ۾ خدا سان هو.
3
سڀيئي شيون ان جي وسيلي پيدا ٿيون آهن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آهي، سا ان کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آهي.
4
ڪلام ۾ زندگي هئي ۽ اها زندگي انسانن لاءِ روشني هئي.
5
روشني اوندهہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندهہ ڪڏهن بہ روشنيءَ تي غالب نہ ٿي آهي.
6
يحيٰ نالي هڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا جي طرفان موڪليو ويو هو.
7
اهو شاهد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاهدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻهو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين.
8
هو پاڻ تہ روشني نہ هو، پر روشنيءَ بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ آيو هو.
9
اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ دنيا ۾ اچڻ واري هئي.
10
جيتوڻيڪ ڪلام جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي ۽ ڪلام دنيا ۾ هو تہ بہ دنيا هن کي نہ سڃاتو.
11
هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.
12
پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو خدا جا ٻار ٿين.
13
اهي رواجي طرح جسماني خواهش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.
14
اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.
15
يحيٰ هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“
16
هن جي انهيءَ ڀرپوريءَ مان اسان سڀني کي فضل پٺيان فضل مليو آهي.
17
شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.
18
ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.
19
يحيٰ جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يحيٰ ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“
20
تڏهن يحيٰ جواب ڏيڻ کان انڪار نہ ڪيو، بلڪ کُليو کُلايو چئي ڏنائين تہ ”آءٌ مسيح نہ آهيان.“
21
انهن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون الياس نبي آهين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آهيان.“ انهن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون اهو نبي آهين، جيڪو اچڻو آهي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“
22
تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ ٻڌاءِ تہ تون ڪير آهين؟ اسان کي جواب وٺي انهن کي ٻڌائڻو آهي جن اسان کي موڪليو آهي. تون پاڻ بابت ڇا ٿو چوين؟“
23
تنهن تي يحيٰ يسعياہ نبيءَ جا هي لفظ ورجايا تہ ”آءٌ اهو آواز آهيان، جيڪو رڻپٽ ۾ پڪاري ٿو تہ ’ خداوند جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“
24
جن کي موڪليو ويو هو تن مان ڪي فريسي بہ هئا.
25
انهن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي الياس نبي آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو نبي آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“
26
يحيٰ جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. پر اوهان منجھہ ڪو اهڙو آهي جنهن کي اوهين نہ ٿا سڃاڻو.
27
هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“
28
اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ بيتعنياہ ڳوٺ ۾ ٿيون جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف آهي، جتي يحيٰ بپتسما ڏيئي رهيو هو.
29
ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.
30
هي اهو ئي آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ منهنجي پٺيان هڪ اهڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.
31
مون بہ اڳ ۾ کيس نہ ٿي سڃاتو. آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما انهيءَ لاءِ ڏيندو آيس، تہ جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان ظاهر ٿئي.“
32
يحيٰ شاهدي ڏيندي چيو تہ ”مون پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لهندي ۽ مٿس ويهندي ڏٺو آهي.
33
آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر خدا جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پاڪ روح کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘
34
هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي خدا جو فرزند آهي.“
35
ٻئي ڏينهن تي يحيٰ پنهنجي ٻن شاگردن سان گڏ وري اتي بيٺو هو
36
تہ هن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن عيسيٰ ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ خدا جو گھيٽڙو.“
37
اها ڳالهہ ٻڌي ٻنهي شاگردن عيسيٰ جي پٺيان هلڻ شروع ڪيو.
38
عيسيٰ ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ” اي ربي (يعني استاد)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“
39
عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.
40
جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالهہ ٻڌي هئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا هئا، تن ۾ هڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس هو.
41
جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).
42
پوءِ هو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ هن ڏانهن نهاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا (يعني پطرس) جي نالي سان سڏبين.“
43
ٻئي ڏينهن تي عيسيٰ گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“
44
فلپس بيتصيدا شهر جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.
45
فلپس نٿنايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ عيسيٰ آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“
46
نٿنايل هن کي چيو تہ ” ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنهن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا هلي ڏس.“
47
جڏهن عيسيٰ نٿنايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“
48
تڏهن نٿنايل کانئس پڇيو تہ ”اوهين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏي اچڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو هو.“
49
تنهن تي نٿنايل چيو تہ ”اي استاد! اوهين تہ خدا جا فرزند آهيو. اوهين بني اسرائيل جا بادشاهہ آهيو.“
50
عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“
51
پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جي ملائڪن کي ابنِ آدم تي نازل ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21