bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
John 2
John 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 3 →
1
ٽئين ڏينهن تي گليل جي ڳوٺ قانا ۾ ڪا شادي هئي ۽ عيسيٰ جي ماءُ بہ اتي آيل هئي.
2
عيسيٰ ۽ سندس شاگرد بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.
3
دعوت ۾ جڏهن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”هنن وٽ تہ مهمانن لاءِ مئي کُٽي ويئي آهي.“
4
تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“
5
تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“
6
اتي يهودين جي پاڪائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.
7
عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”هي مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو.“ سو هنن اهي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا.
8
پوءِ هن کين چيو تہ ”هاڻي انهن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو هو اهو کڻي ويا.
9
منتظم اعليٰ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي خبر هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر منتظم اعليٰ کي خبر ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو
10
۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“
11
هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.
12
تنهن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.
13
يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو.
14
اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو قربانيءَ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن.
15
اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.
16
ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“
17
تڏهن سندس شاگردن کي پاڪ ڪلام جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي خدا! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“
18
تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“
19
عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“
20
تنهن تي انهن اڳواڻن چيس تہ ”هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ سال لڳا آهن. تون وري اها ٽن ڏينهن ۾ ٺاهيندين؟“
21
پر عيسيٰ جنهن هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي تنهن مان مراد سندس پنهنجو بدن هو.
22
تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پاڪ ڪلام جي لکت ۽ عيسيٰ جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو.
23
عيد فصح جي موقعي تي جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ايمان آندو.
24
پر عيسيٰ انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي.
25
هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21