bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
John 19
John 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 20 →
1
تڏهن پلاطس عيسيٰ کي ڪوڙا هڻايا.
2
سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي عيسيٰ جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون.
3
پوءِ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“ ان کان علاوہ هنن کيس منهن تي چماٽون بہ هنيون.
4
پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
5
پوءِ عيسيٰ انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“
6
جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي صليب تي چاڙهيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
7
تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جو فرزند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“
8
جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس.
9
تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
10
تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙهيان.“
11
عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“
12
تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“
13
جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو عيسيٰ کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.
14
اهو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو بادشاهہ.“
15
پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ” قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“
16
تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو. تڏهن سپاهي عيسيٰ کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا.
17
هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن.
18
اتي هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ماڻهن کي بہ صليب تي چاڙهيائون، هڪڙي کي هڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ عيسيٰ کي.
19
پلاطس هڪ تختي صليب تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ” عيسيٰ ناصري ، يهودين جو بادشاهہ.“
20
گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني ، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي.
21
اهو پڙهي يهودين جي سردار ڪاهنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو ها تہ ’يهودين جو بادشاهہ،‘ پر هيئن لکايو تہ ’هن جو چوڻ هو تہ آءٌ يهودين جو بادشاهہ آهيان.‘“
22
تنهن تي پلاطس وراڻين تہ ”بس، جيڪو مون لکايو سو لکايو.“
23
پوءِ سپاهي جڏهن عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻسبيل هو ۽ مٿي کان هيٺ تائين سڄو ئي هڪڙي ڪپڙي جو ٺهيل هو.
24
انهيءَ لاءِ سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکو ٿا وجھون تہ اهو ڪنهن جو ٿو ٿئي.“ سپاهين ائين ئي ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”انهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا ۽ منهنجي پوشاڪ لاءِ پُکا وڌائون.“
25
عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ، ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.
26
جڏهن عيسيٰ پنهنجي ماءُ ۽ انهيءَ شاگرد کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! هي تنهنجو پٽ آهي.“
27
وري انهيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماءُ آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو شاگرد عيسيٰ جي ماءُ کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو.
28
پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“
29
اتي هڪڙو ٿانءُ سادي مئي سان ڀريل رکيو هو. تنهن مان انهن سپاهين فوم جهڙي هڪ شيءِ ٻوڙي زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي سندس وات سان لڳايائون.
30
عيسيٰ اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.
31
اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ” صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش صليبن تان لاٿا وڃن.“
32
تنهن تي سپاهي آيا ۽ جيڪي عيسيٰ سان گڏ صليبن تي ٽنگيل هئا تن مان پهريائين هڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون.
33
پر جڏهن عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ هن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون.
34
جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو.
35
جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ ايمان آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي.
36
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ ”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“
37
وري ٻي پاڪ لکت ۾ آهي تہ ”ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڏسندا، جنهن کي گھاءُ ڏيئي زخمي ڪيو هئائون.“
38
تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيو.“ پلاطس کيس اجازت ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.
39
نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي.
40
پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو.
41
جتي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو ويو هو، اتي هڪڙو باغ هو. انهيءَ باغ ۾ غار واري هڪڙي نئين قبر کوٽيل هئي جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو هو.
42
جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري عيسيٰ جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21