bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
John 12
John 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 13 →
1
عيد فصح کان ڇهہ ڏينهن اڳ عيسيٰ بيتعنياہ ڳوٺ ويو جتي لعزر رهندو هو، جنهن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو هو.
2
اتي عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي ويئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر عيسيٰ ۽ ٻين مهمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو هو.
3
تڏهن مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرهي مُرَ مان تيار ڪيل هو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيائين. انهيءَ عطر جي سرهاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو.
4
عيسيٰ جي شاگردن مان هڪڙي جنهن جو نالو يهوداہ اسڪريوتي هو ۽ جيڪو اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو،
5
تنهن چيو تہ ”ڇو نہ هي عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ها.“
6
هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بيايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.
7
يهوداہ جي انهيءَ ڳالهہ تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇو تہ هن اهو عطر منهنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو هو.
8
غريب تہ هميشہ اوهان وٽ آهن، پر آءٌ هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.“
9
ماڻهن جي وڏي ميڙ جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ بيتعنياہ ۾ آهي، تڏهن اهي اوڏانهن ويا. اهي نہ رڳو عيسيٰ کي، بلڪ لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنهن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو هو.
10
تنهنڪري سردار ڪاهن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سِٽڻ لڳا،
11
ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي عيسيٰ تي ايمان آندو هئائون.
12
ٻئي ڏينهن تي وڏو ميڙ جيڪو عيد فصح تي آيو هو تنهن ٻڌو تہ عيسيٰ يروشلم ۾ اچي رهيو آهي.
13
سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ” خدا جي واکاڻ هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاهہ مبارڪ، مبارڪ!“
14
هوڏانهن عيسيٰ کي هڪ کودڙو ملي ويو ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
15
”اي صيئون شهر جا رهاڪؤ! ڊڄو نہ، ڏسو، اوهان جو بادشاهہ اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آهي.“
16
سندس شاگردن کي پهريائين تہ اهي ڳالهيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏهن عيسيٰ جو جلوو ظاهر ٿيو، تڏهن انهن کي ياد آيو تہ پاڪ ڪلام ۾ هن بابت انهن ڳالهين جي اڳڪٿي ڪئي ويئي هئي ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس سلوڪ ڪيو.
17
لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيئرو ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو عيسيٰ سان گڏ هئا، سي انهيءَ معجزي جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا.
18
انهيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ اهو معجزو هن ئي ڪيو آهي.
19
تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان لڳي پئي آهي.“
20
جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ هئا.
21
اهي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شهر بيتصيدا جو ويٺل هو ۽ عرض ڪيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ سان ملڻ چاهيون ٿا.“
22
فلپس اچي اندرياس کي اها ڳالهہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنهي وڃي عيسيٰ کي ٻڌايو.
23
تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اها گھڙي اچي پهتي آهي، جڏهن ابنِ آدم جو جلوو ظاهر ٿيندو.
24
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.
25
جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي دائمي زندگي ملندي.
26
جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“
27
پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.
28
سو اي بابا! تون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪر.“ تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي عظمت ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“
29
تڏهن جيڪي ماڻهو اتي بيٺا ٻڌي رهيا هئا، تن مان ڪن چيو تہ ”آسمان مان گجگوڙ ٿيو“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو آهي.“
30
تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو آواز منهنجي لاءِ نہ پر اوهان جي لاءِ هو.
31
هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن دنيا کي گنهگار قرار ڏنو ويندو ۽ دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.
32
جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“
33
هن چوڻ سان هن اهو اشارو ٿي ڏنو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو.
34
تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“
35
عيسيٰ کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي خبر ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.
36
سو جيڪا گھڙي روشني اوهان وٽ آهي اوهين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوهين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ هليو ويو ۽ انهن کي منهن نہ ڏيکاريائين.
37
جيتوڻيڪ عيسيٰ ماڻهن جي اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس ايمان نہ آندو هو.
38
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“
39
اهو ئي سبب هو جو انهن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ تہ يسعياہ نبيءَ جي معرفت هي بہ فرمايو ويو هو تہ
40
”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہتائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
41
يسعياہ هي انهيءَ لاءِ چيو هو جو هن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو هو ۽ انهيءَ جي باري ۾ ڳالهايو هئائين.
42
تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادتخاني مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.
43
اهي خدا جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان عزت حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.
44
پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو نہ رڳو مون تي، بلڪ انهيءَ تي بہ ايمان رکي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.
45
جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انهيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.
46
آءٌ روشني آهيان ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.
47
جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ گنهگار قرار نہ ٿو ڏيان. آءٌ دنيا کي گنهگار قرار ڏيڻ لاءِ نہ، بلڪ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان.
48
جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي گنهگار قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو پيغام، جيڪو آخرت جي ڏينهن هن کي گنهگار قرار ڏيندو.
49
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي.
50
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21