bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
John 18
John 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 19 →
1
جڏهن عيسيٰ اها دعا گھري چڪو، تڏهن هو پنهنجي شاگردن سان گڏ نڪري يروشلم جي ٻاهران قدرون جي برساتي نهر مان پار لنگھي هڪڙي باغ ۾ داخل ٿيو.
2
يهوداہ دغاباز کي انهيءَ هنڌ جي خبر هئي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ ڪيترائي دفعا پنهنجي شاگردن سان گڏ اوڏانهن ويو هو.
3
سو يهوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاهين جو ٽولو ۽ ڪجھہ هيڪل جا پهريدار جيڪي سردار ڪاهنن ۽ فريسين موڪليا هئا، سي وٺي انهيءَ باغ ۾ داخل ٿيو. انهن وٽ هٿيار هئا ۽ کين هٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان هئا.
4
عيسيٰ پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“
5
انهن وراڻيس تہ ” عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنهن تي هن چين تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان.“ يهوداہ دغاباز بہ انهن سان گڏ بيٺو هو.
6
جيئن ئي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان،“ تيئن اهي پوئتي هٽي وڃي زمين تي ڪري پيا.
7
تڏهن عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن چيو تہ ” عيسيٰ ناصريءَ کي.“
8
تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”مون اوهان کي ٻڌايو تہ آهي تہ اهو آءٌ آهيان. سو جيڪڏهن اوهين مون کي ڳولي رهيا آهيو تہ پوءِ هنن ماڻهن کي ڇڏيو تہ وڃن.“
9
هن اهو انهيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو هئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي بابا! تو جيڪي مون کي ڏنا هئا تن مان مون ڪنهن هڪ کي بہ نہ وڃايو آهي.“
10
ان وقت شمعون پطرس وٽ تلوار هئي، سو هن اها ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ساڄو ڪن ڪپي وڌائين. انهيءَ نوڪر جو نالو ملخُس هو.
11
تنهن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“
12
تڏهن رومي سپاهين جي ٽولي، سندن عملدار ۽ يهودين جي پهريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون.
13
اهي پهريائين کيس يروشلم ۾ حَنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انهيءَ سال جي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا جو سهرو هو.
14
هي اهو ڪائفا هو، جنهن يهودي اڳواڻن کي اها صلاح ڏني هئي تہ اهو بهتر ٿيندو جو هڪ ماڻهو سڄيءَ قوم لاءِ مري.
15
شمعون پطرس هڪڙي ٻئي شاگرد سان گڏ عيسيٰ جي پٺيان هلندو پئي ويو. جيئن تہ انهيءَ ٻئي شاگرد جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو هو عيسيٰ سان گڏ سندس گھر اندر اڱڻ ۾ ويو.
16
پر پطرس دروازي جي ٻاهران ئي بيٺو رهيو. تنهنڪري اهو ٻيو شاگرد جنهن جي وڏي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي سو موٽي ٻاهر آيو ۽ دربان ڇوڪريءَ کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو.
17
تڏهن دربان ڇوڪريءَ پطرس کان پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي شاگردن مان نہ آهين؟“ تنهن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“
18
انهيءَ مهل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پهريدارن ڪوئلن جي باهہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انهن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.
19
هوڏانهن وڏو سردار ڪاهن عيسيٰ کان سندس شاگردن ۽ تعليم بابت پڇڻ لڳو.
20
عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.
21
پوءِ اوهين مون کان ڇو پڇي رهيا آهيو؟ انهن ماڻهن کان پڇو جن منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون آهن. انهن کي خبر آهي تہ مون ڇا چيو آهي.“
22
جڏهن عيسيٰ هي چيو تہ ڀرسان بيٺل پهريدارن مان هڪڙي سندس منهن تي چماٽ هڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاهن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“
23
تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن مون ڪا غلط ڳالهہ ڪئي هجي تہ اها سڀني جي اڳيان ٻڌاءِ. پر جيڪڏهن مون سچ چيو آهي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“
24
پوءِ حَنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا ڏانهن ڏياري موڪليو.
25
شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انهيءَ ماڻهوءَ جي شاگردن مان نہ آهين؟“ پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آهيان.“
26
تنهن تي وڏي سردار ڪاهن جي هڪڙي نوڪر جنهن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو هو، تنهن چيو تہ ”ڇا مون تو کي هُن ماڻهوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو هو؟“
27
پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.
28
ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.
29
سو پلاطس ٻاهر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا هڻو؟“
30
تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”جيڪڏهن هي ڏوهاري نہ هجي ها تہ اسين کيس اوهان جي حوالي نہ ڪريون ها.“
31
پلاطس کين چيو تہ ”اوهين پاڻ هن کي وٺي وڃي پنهنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يهودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“
32
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.
33
تڏهن پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ عيسيٰ کي گھرايائين. هُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“
34
عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون بابت هي سوال ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي اوهان کي چيو آهي يا اوهين پاڻ ٿا ڪريو؟“
35
پلاطس وراڻيو تہ ”ڇو آءٌ يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي پنهنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاهنن تو کي منهنجي حوالي ڪيو آهي. ٻڌاءِ تہ تو ڪيو ڇا آهي؟“
36
عيسيٰ وراڻيو تہ ”منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي. جيڪڏهن اها هن دنيا جي هجي ها تہ جيڪر منهنجا خدمتگار منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي.“
37
تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن دنيا ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“
38
تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڀلا سچ ڇا آهي؟“ پوءِ پلاطس ٻاهر نڪري يهودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.
39
هاڻ جيئن تہ اوهان جي رسم موجب هر سال عيد فصح جي موقعي تي آءٌ اوهان جي خاطر هڪڙو قيدي آزاد ڪندو آهيان، سو جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ اوهان جي خاطر هن يهودين جي بادشاهہ کي آزاد ڪريان؟“
40
پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انهيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا هڪ ڌاڙيل هو.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21