bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Kings 11
2 Kings 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 12 →
1
هاڻي جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ منهنجو پٽ مري ويو آهي، تڏهن هن اُٿي شاهي نسل جا سڀ ماڻهو ماري چٽ ڪري ڇڏيا.
2
پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو.
3
۽ اُهو هن وٽ ڇهہ ورهيہ خداوند جي گهر ۾ لڪل پيو هو: ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.
4
۽ ستين ورهيہ ۾ يهويدع ڪاهن، ۽ پهري وارن مان سوَن جي سردارن کي گهرائي پاڻ وٽ خدا جي گهر ۾ آندو؛ ۽ انهن سان عهدنامو ڪيائين، ۽ خداوند جي گهر ۾ هنن کان قسم کڻايائين، ۽ پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ ڏيکاريائين.
5
۽ انهن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ اوهان کي هيءُ ڪم ڪرڻ گهرجي: اوهين جي سبت جي ڏينهن هتي اچو ٿا تن مان ٽئين حصي جيترا هتي لنگهي اچي بادشاهہ جي گهر تي پهرو ڏين؛
6
۽ ٽئين حصي جيترا صور جي دروازي تي رهن؛ ۽ ٽئين حصي جيترا دروازي تي پهري وارن جي پٺيان بيهن: انهيءَ طرح اوهين گهر تي پهرو رکجو ۽ پناهہ ٿجو.
7
۽ اوهان جون ٻہ ٽوليون يعني اُهي سڀ ماڻهو، جي سبت جي ڏينهن نڪري وڃن سي بادشاهہ جي چوڌاري خدا جي گهر تي پهرو ڏين.
8
۽ اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃو؛ پوءِ جيڪو قطارن جي اندر گهڙي اچي تنهن کي ماري ڇڏجو: ۽ جڏهن بادشاهہ ٻاهر وڃي يا اندر اچي، تڏهن ساڻس رهجو.
9
۽ سوَن جي سردارن ائين ڪيو، جيئن يهويدع ڪاهن حڪم ڏنو هون: ۽ جيڪي ماڻهو سبت جي ڏينهن اندر اچڻا هئا ۽ جيڪي سبت جي ڏينهن ٻاهر وڃڻا هئا، سڀيئي پنهنجا پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري يهويدع ڪاهن وٽ آيا.
10
۽ ڪاهن، انهن سوَن جي سردارن کي بادشاهہ دائود جا نيزا ۽ سپرون، جي خداوند جي گهر ۾ موجود هيون، سي ڏنيون.
11
۽ پهري وارا سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي، گهر جي سڄي پاسي کان وٺي کٻي پاسي تائين، ۽ قربانگاهہ ۽ گهر جي پاسي سان، ۽ بادشاهہ جي چوڌاري بيهي ويا.
12
تنهن کانپوءِ هن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو، ۽ هن تي ڇٽ رکيائين ۽ شاهديءَ جي سند انهيءَ کي ڏنائين؛ ۽ اُنهن هن کي بادشاهہ ڪيو ۽ مسح ڪيائونس؛ پوءِ تاڙيون وڄائي چيائون تہ شل خدا بادشاهہ کي سلامت رکي.
13
۽ جڏهن عتلياہ پهري وارن ۽ ٻين ماڻهن جو هُل ٻڌو، تڏهن هوءَ خداوند جي گهر ۾ ماڻهن وٽ آئي:
14
۽ نهاري ڏٺائين تہ بادشاهہ دستور موجب ٿنڀ جي پاسي ۾ بيٺو آهي، ۽ سردار ۽ قرنائن وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا آهن؛ ۽ ملڪ جا سڀ ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ قرنائون پيا وڄائين، تڏهن عتلياہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ دغا، دغا.
15
۽ سوَن جا سردار، جي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيا ويا هئا تن کي يهويدع ڪاهن حڪم ڏيئي چيو تہ هن زال کي گهلي قطارن جي وچ مان ٻاهر آڻيو؛ ۽ جيڪو هن جي پٺيان لڳي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو.
16
تڏهن هو اُنهيءَ ڏانهن هليا؛ ۽ هو گهوڙن جي لنگهڻ وارو رستو ڏيئي بادشاهہ جي گهر ڏانهن هلي: ۽ اُتي هنن وڃي قتل ڪيس.
17
۽ يهويدع خداوند جي، ۽ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾، اهو عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهن؛ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايائين.
18
پوءِ ملڪ جا سڀ ماڻهو بعل جي گهر ڏانهن ويا ۽ اُنهيءَ کي وڃي ڊاٺائون؛ انهيءَ جون قربانگاهون، ۽ انهيءَ جون مورتون سڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ قربانگاهن جي اڳيان بعل جي پوڄاريءَ متان کي قتل ڪيائون. ۽ ڪاهن خدا جي گهر تي عملدار مقرر ڪيا.
19
۽ هو سوَن جي سردارن، ۽ ڪارين، ۽ پهري وارن، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي وٺي ويو؛ ۽ هنن بادشاهہ کي خداوند جي گهر مان لاهي هيٺ آندو ۽ پهري وارن جي دروازي واري رستي کان بادشاهہ جي گهر تائين آيا. پوءِ هو بادشاهن جي تخت تي ويٺو.
20
انهيءَ طرح ملڪ جي سڀني ماڻهن خوشيون ڪيون ۽ شهر ۾ امن امان ٿيو: ۽ عتلياہ کي بادشاهہ جي گهر وٽ ترار سان قتل ڪيائون.
21
جڏهن يهوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ستن ورهين جو هو.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25