bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Kings 22
2 Kings 22
Sindhi Bible
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 23 →
1
جڏهن يوسياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن اٺن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ايڪٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو جديدہ هو، جا بصقتي واري عداياہ جي ڌيءَ هئي.
2
۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا ۽ هو پنهنجي پيءُ دائود جي سڀني رستن تي هليو، ۽ نہ سڄي پاسي لڙيو نہ کٻي پاسي.
3
۽ يوسياہ بادشاهہ جي ارڙهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ هن پنهنجي محرر سافن بن اصلياہ بن مسلام کي خداوند جي گهر ڏانهن موڪليو، ۽ چيائينس تہ
4
خلقياہ سردار ڪاهن وٽ وڃ تہ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ماڻهن آندا آهن، ۽ جي دربانن ماڻهن کان گڏ ڪيا آهن، تن جو هو حساب ڪري:
5
۽ جي ڪامورا خداوند جي گهر جي نظرداري ٿا ڪن تن کي اُهي پهچائي ڏي: تہ جيڪي ڪاريگر خداوند جي گهر ۾ گهر جي مرمت ٿا ڪن تن کي ڏين؛
6
۽ واڍن کي ۽ اڏيندڙن کي ۽ رازن کي؛ ۽ گهر جي مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪاٺ، ۽ ڇليل پٿرن جي خريد ڪرڻ لاءِ ڏين.
7
انهيءَ هوندي بہ جيڪي پئسا هنن کي ڏنا ويا تن جو ڪوبہ حساب ڪونہ ڪيو ويو؛ ڇالاءِ جو هو ايمانداريءَ سان ٿي هليا.
8
۽ سردار ڪاهن خلقياہ محرر سافن کي چيو تہ مون خداوند جي گهر ۾ شريعت جو ڪتاب لڌو آهي. ۽ خلقياہ اُهو ڪتاب سافن کي ڏنو جنهن اُهو پڙهيو.
9
۽ سافن محرر بادشاهہ وٽ آيو ۽ بادشاهہ کي خبر ڏيئي چيائين، تہ جيڪي پئسا گهر ۾ لڌا آهن سي تنهنجن نوڪرن ڪڍي انهن ڪامورن کي ڏيئي ڇڏيا جي خداوند جي گهر جي نظرداري ڪندا آهن.
10
۽ سافن محرر بادشاهہ کي چيو تہ خلقياہ ڪاهن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو آهي. ۽ سافن اُهو بادشاهہ جي اڳيان پڙهيو.
11
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ شريعت جي ڪتاب جو ڪلام ٻڌو تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.
12
۽ بادشاهہ خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام بن سافن، ۽ عڪبور بن ميڪاياہ، ۽ سافن محرر ۽ عساياہ، بادشاهہ جي ملازم کي حڪم ڏنو، تہ
13
اوهين وڃي منهنجي، ۽ ماڻهن جي، ۽ ساري يهوداہ جي طرفان خداوند کان انهيءَ لڌل ڪتاب جي ڪلام بابت پڇو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي تمام ڏاڍي ڀڙڪي آهي، هن ڪري جو اسان جي ابن ڏاڏن انهيءَ ڪتاب جي ڪلام کي نہ مڃيو آهي ۽ اسان بابت جيڪي انهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي پوري تعميل نہ ڪئي اٿن.
14
تڏهن خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام، ۽ عڪبور، ۽ سافن، ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نبيہ ڏانهن ويا، جا سلوم، بن تقوہ، بن خرخس، توشہ خاني جي داروغي جي زال هئي؛ (هاڻي اُها يروشلم جي ٻئي ڀاڱي ۾ رهندي هئي؛) ۽ انهن وڃي هن سان حال ڪيو.
15
۽ هن انهن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ: جنهن ماڻهوءَ اوهان کي مون وٽ موڪليو آهي تنهن کي چئو:
16
تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي، ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪندس، جيئن ڪ سمورو انهيءَ ڪتاب جو ڪلام آهي، جو يهوداہ جي بادشاهہ پڙهيو آهي:
17
ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿن جي ٺاهيل شين سان مون کي چيڙائي ڪاوڙ ڏيارين؛ تنهنڪري منهنجي ڪاوڙ انهيءَ هنڌ تي ڀڙڪندي ۽ اُها جهَڪي نہ ٿيندي.
18
پر يهوداہ جو بادشاهہ، جنهن اوهان کي خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، تنهن کي اوهين چئجو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام تو ٻڌو آهي، تنهن جي بابت،
19
تنهنجي دل نرم هئي، ۽ هن هنڌ بابت، ۽ اُتي جي رهندڙن بابت، مون جو چيو هو تہ اُهو ويران ٿيندو ۽ اُهي لعنتي ٿيندا، سو جڏهن تو ٻڌو تڏهن تو خداوند جي اڳيان نيزاري ڪئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي دانهن ٻڌي آهي.
20
تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيندس، ۽ تون سلامتيءَ سان پنهنجي قبر ۾ وڃي دفن ٿيندين، ۽ جيڪا آفت آءٌ هن هنڌ تي آڻيندس سا تون نہ ڏسندين. ۽ هنن اِهو جواب بادشاهہ کي اچي ٻڌايو.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25