bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Kings 15
2 Kings 15
Sindhi Bible
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 16 →
1
اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي ستاويهين ورهيہ ۾، عزرياہ بن امصياہ يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سورهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻاونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يڪولياہ هو، جا يروشلم جي هئي.
3
۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ امصياہ جا ڪم هئا.
4
انهيءَ هوندي بہ مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: ماڻهو اڃا بہ انهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا هئا ۽ لوبان ساڙيندا هئا.
5
۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.
6
هاڻي عزرياہ جا باقي ٻيا ڪم، ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟
7
۽ عزرياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ هن جو پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
8
يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، زڪرياہ بن يربعام سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.
9
۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي، جهڙي سندس ابن ڏاڏن ڪئي هئي: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جنهن مان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.
10
۽ سلوم بن يبيس هن جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ماڻهن جي روبرو هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.
11
هاڻي زڪرياہ جا باقي ٻيا ڪم، سي ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
12
جيڪو ڪلام خداوند ياهوءَ سان ڪيو، سو هي هو تہ تنهنجا پٽ چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندا. ۽ ائين ئي ٿيو.
13
سلوم بن يبيس، يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي؛ ۽ هن سامريہ ۾ هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.
14
۽ مناحم بن جادي، ترضہ مان چڙهي سامريہ ۾ آيو، ۽ سلوم بن يبيس کي سامريہ ۾ شڪست ڏنائين ۽ ڪُٺائين، ۽ انهيءَ جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.
15
هاڻي سلوم جا ٻيا ڪم، ۽ جيڪو منصوبو ڪيائين، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.
16
تڏهن مناحم، تفسح، ۽ ٻيا جيڪي انهيءَ ۾ هئا سي، ۽ انهيءَ جون سرحدون، ترضہ کان ماري ورتيون: ڇالاءِ جو هنن اهو شهر کولي هن کي نہ ڏنو، تنهنڪري هن اهو ماري ورتو؛ ۽ اُتي جيڪي زالون پيٽ سان انهيءَ ۾ هيون، تن جو هن پيٽ ڦاڙيو.
17
يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اوڻيتاليهين ورهيہ ۾، مناحم بن جادي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ڏهہ ورهيہ سامريہ ۾ بادشاهي ڪئي.
18
۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هن پنهنجن سڀني ڏينهن ۾ يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.
19
اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.
20
۽ مناحم اُهي پئسا اسرائيل کان، يعني سڀني دولت ۽ طاقت وارن ماڻهن کان وصول ڪيا، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کان چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل وٺي اسور جي بادشاهہ کي ڏنائين. پوءِ اسور جو بادشاهہ پٺتي موٽي ويو ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.
21
هاڻي مناحم جا ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟
22
۽ مناحم پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ سندس پٽ فقحياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
23
يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي پنجاهين ورهيہ ۾، فقحياہ بن مناحم سامريہ ۾ اسرائيل جي مٿان بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.
24
۽ هن خداوند جي نظر ۾ بڇڙائي ڪئي: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.
25
۽ فقح بن رملياہ، جو هن جو سپهہ سالار هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ ارجوب ۽ اريہ سان گڏجي، سامريہ ۾، بادشاهہ جي گهر واري قلعي ۾ هن کي ماريائين، ۽ جلعادين مان پنجاهہ ماڻهو هن سان گڏ هئا: ۽ انهيءَ کي قتل ڪري سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.
26
هاڻي فقحياہ جا ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.
27
يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي ٻاونجاهين ورهيہ ۾، فقح بن رملياہ سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ هن ويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.
28
۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: هن يربعام بن نباط جي گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايا.
29
اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.
30
۽ هوسيع بن ايلہ، فقحہ بن رملياہ جي برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کي ماري قتل ڪيائين، ۽ يوتام بن عزرياہ جي ويهين ورهيہ ۾، هن جي جاءِ تي پاڻ بادشاهہ ٿيو.
31
هاڻي فقحہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، سو ڏس، اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.
32
اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ بن رملياہ جي ٻئي ورهيہ ۾، يوتام بن عزرياہ، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.
33
جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن پنجويهن ورهين جو هو ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسا هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.
34
۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا: جيئن هن جي پيءُ عزرياہ ڪيو هو تيئن هن سڀ ڪجهہ ڪيو.
35
انهيءَ هوندي بہ هن مٿانهيون جايون نہ ڊاهيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو.
36
هاڻي يوتام جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟
37
انهن ڏينهن ۾ خداوند يهوداہ تي ارام جي بادشاهہ رضين، ۽ فقحہ بن رملياہ کي موڪلڻ لڳو.
38
۽ يوتام پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25