bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Kings 21
2 Kings 21
Sindhi Bible
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 22 →
1
جڏهن منسي بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ٻارهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ پنجونجاهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو حفصي باہ هو.
2
۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جو اُهي انهن غير قومن جي ڪراهت جهڙن ڪمن موافق هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪلي ڪڍيو هو.
3
ڇالاءِ جو هن وري اُهي مٿانهيون جايون جوڙايون، جي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيون هيون؛ ۽ هن بعل جي لاءِ قربانگاهون اڏايون؛ ۽ هڪڙو يسيرت بہ جوڙايو، جيئن ڪ اسرائيل جي بادشاهہ اخي آب ڪيو هو، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي عبادت ڪيائين، ۽ اُنهن جي بندگي ڪيائين.
4
۽ هن خداوند جي گهر ۾ قربانگاهون جوڙايون، جن بابت خداوند فرمايو هو تہ يروشلم ۾ آءٌ پنهنجو نالو رکندس.
5
۽ هن خداوند جي گهر جي ٻن ايوانن ۾ آسمان جي سڀني تارن لاءِ قربانگاهون جوڙايون.
6
۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي.
7
۽ جيڪا يسيرت جي مورت هن جوڙائي هئي سا هن انهيءَ گهر ۾ رکائي، جنهن جي بابت خداوند دائود کي ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو، تہ هن گهر ۾، ۽ يروشلم ۾، جو اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون پسند ڪيو آهي، آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس:
8
نڪي جيڪو ملڪ مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو تنهن مان وري ڪڏهن اسرائيل جا پير ٻاهر ڪڍندس؛ بشرطيڪ جيڪي حڪم مون هنن کي ڏنا آهن، ۽ جا شريعت منهنجي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏني آهي، تنهن موجب هو تعميل ڪندا رهندا.
9
پر هنن نہ ٻڌو: ۽ منسي هنن کي ٺڳاري انهن کان اُهي ڪم ڪرايا جي اُنهن قومن جي ڪمن کان بہ خراب هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان چٽ ڪري ڇڏيو.
10
۽ خداوند پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو، تہ
11
يهوداہ جي بادشاهہ منسيءَ هي ڪراهت ۽ شرارت جهڙا ڪم ڪيا آهن، جي سڀني امورين جي ڪمن کان بہ وڌيڪ آهن، جي کانئس اڳي هئا ۽ يهوداہ کي بہ پنهنجن بتن سان گنهگار ڪرايو آهي:
12
تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ يروشلم ۽ يهوداہ تي اهڙي مصيبت نازل ٿو ڪريان جو جيڪو انهيءَ جي خبر ٻڌندو تنهن جا ٻئي ڪن پيا ٻرندا.
13
۽ آءٌ سامريہ جي ڏور ۽ اخي آب جي گهراڻي جو شاهل يروشلم جي مٿان ڇڪيندس: ۽ آءٌ يروشلم کي ائين اُگهي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو رڪابي اُگهندو ۽ انهيءَ کي اُٿلائي پٿلائي رکندو آهي.
14
۽ آءٌ پنهنجي ميراث جو باقي بچيل حصو اُڇلائي ڇڏيندس ۽ هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس؛ ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جو شڪار ۽ لٽ جو مال ٿيندا؛
15
ڇالاءِ جو هنن اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن، ۽ جنهن ڏينهن هنن جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪتا تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.
16
تنهن کان سواءِ منسيءَ گهڻوئي رت بي گناهہ هاريو، جيسين ڪ هن يروشلم کي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو؛ انهيءَ کان سواءِ اهو گناهہ ڪيائين جو يهوداہ کان گناهہ جا ڪم ڪرايائين، اهڙا ڪم جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
17
هاڻي منسيءَ جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، ۽ جو گناهہ هن ڪيو سي سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟
18
۽ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ خود پنهنجي گهر جي باغ ۾، عزا جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
19
جڏهن امون بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٻاويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي، ۽ سندس ماءُ جو نالو مسلمت هو، جا يطبهيءَ واري حروص جي ڌيءَ هئي.
20
۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جيئن ڪ سندس پيءُ منسي ڪيو هو.
21
۽ جنهن رستي تي هن جو پيءُ هليو هو، انهيءَ رستي تي هو بہ هليو، ۽ جن بتن جي هن جي پيءُ بندگي ٿي ڪئي، تن جي هن بہ ڪئي، ۽ انهن جي عبادت ڪيائين:
22
۽ هن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو ۽ خداوند جي رستي تي نہ هليو.
23
۽ امون جي نوڪرن هن جي برخلاف منصوبو ڪيو ۽ بادشاهہ کي سندس گهر منجهہ ئي ماري ڇڏيائين.
24
پر جن ماڻهن بادشاهہ امون جي برخلاف منصوبو ڪيو هو تن سڀني کي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن هن جي پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.
25
هاڻي امون ٻيا جيڪي ڪم ڪيا، سي يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟
26
۽ هو عزا جي باغ ۾، پنهنجي قبر ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يوسياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25