bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Kings 20
2 Kings 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 21 →
1
انهن ڏينهن ۾ حزقياہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ تي هو. ۽ يسعياہ بن آموص نبي هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون مرندين، ۽ جيئرو نہ رهندين.
2
تڏهن هن ڦري پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گهريائين ۽ چيائين تہ
3
اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن آءٌ تنهنجي اڳيان سچ تي ڪامل دل سان هليو آهيان، ۽ اُهي ڪم ڪيا اٿم جي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن. پوءِ حزقياہ ڏاڍو روئڻ لڳو.
4
۽ هيئن ٿيو تہ يسعياہ جي نڪري شهر جي وچين ڀاڱي ۾ پهچڻ کان اڳي هن تي خداوند جو ڪلام نازل ٿيو، جنهن چيس تہ
5
پٺتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي سردار حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ مون تنهنجا ڳوڙها ڏٺا آهن: ڏس، آءٌ توکي شفا بخشيندس: ٽئين ڏينهن تون مٿي خداوند جي گهر ۾ ويندين.
6
۽ آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس: ۽ آءٌ توکي ۽ هن شهر کي اسور جي بادشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندس: ۽ آءٌ هن شهر کي پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر بچائيندس.
7
۽ يسعياہ چيو تہ انجير جي هڪڙي ٽڪي کڻ. ۽ اُها کڻي انهيءَ ڦرڙيءَ تي رکيائون تہ هو چڱو ڀلو ٿي پيو.
8
۽ حزقياہ يسعياہ کي چيو تہ خداوند مون کي شفا ڏيندو، تنهن جي ڪهڙي نشاني هوندي جو آءٌ ٽئين ڏينهن خداوند جي گهر ۾ ويندس؟
9
۽ يسعياہ چيو تہ خداوند وٽان تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي سو ڪندو: ڇا پاڇو ڏهہ قدم اڳي يا ڏهہ قدم پوئتي وڃي؟
10
۽ حزقياہ ورندي ڏني تہ پاڇي کي ڏهہ قدم اڳتي لڙڻ آسان آهي: پر گهرجي ائين تہ پاڇو ڏهہ قدم پٺتي موٽي.
11
۽ يسعياہ نبيءَ خداوند کان دعا گهري، ۽ هن اُهو پاڇو جو آخز جي ڌوپ گهڙي تان لهي ويو هو تنهن کي ڏهہ قدم پٺتي موٽائي آندو.
12
انهيءَ وقت بابل جي بادشاهہ برودڪ بلہ دان بن بلہ دان، خط ۽ هڪڙو تحفو حزقياہ ڏانهن موڪليو: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ حزقياہ بيمار هو:
13
۽ حزقياہ انهن جي ڳالهہ ٻڌي ۽ انهن کي پنهنجين قيمتي شين جو گهر، ۽ چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحا، ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو گهر، ۽ ٻيو جيڪي سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: هن جي گهر ۾، توڙي هن جي ساري بادشاهت ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا هن انهن کي نہ ڏيکاري.
14
تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو؟ ۽ ڪٿان اُهي تو وٽ آيا؟ ۽ حزقياہ چيو تہ اُهي پرانهين ملڪ مان، يعني بابل مان آيا آهن.
15
۽ هن چيو تہ هنن تنهنجي گهر ۾ ڇا ڏٺو آهي؟ حزقياہ ورندي ڏني تہ جيڪي بہ منهنجي گهر ۾ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي: منهنجن خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي جا مون هنن کي نہ ڏيکاري آهي.
16
۽ يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ خدا جو ڪلام ٻڌ.
17
ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ پٺتي ڇڏيو نہ ويندو.
18
۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا جي تون ڄڻيندين، سي هو وٺي ويندا؛ ۽ اُهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ نوڪر ٿيندا.
19
تڏهن حزقياہ يسعياہ کي چيو تہ خداوند جو جيڪو ڪلام تو ٻڌايو آهي سو چڱو آهي. هن هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ ائين نہ آهي ڇا تہ صلح ۽ سچائي منهنجن ڏينهن ۾ رهندي؟
20
هاڻي حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ سندس طاقت ۽ ڪيئن هن حوض موڙي جوڙي ۽ شهر ۾ پاڻي آندائين، اهو سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟
21
۽ حزقياہ پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي ستو: ۽ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25