bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Corinthians 1
1 Corinthians 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 2 →
1
هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي.
2
هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.
3
شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
4
خدا جيڪو فضل عيسيٰ مسيح ۾ اوهان کي عطا ڪيو آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي خدا جو شڪر ڪندو رهان ٿو،
5
جو مسيح ۾ اوهين هر قسم جي ڳالهائڻ ۾ توڙي هر طرح جي ڄاڻ جي لحاظ کان مالا مال ٿي ويا آهيو.
6
هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي،
7
جو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ آهي.
8
اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين ايمان ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بيالزام قرار ڏنا وڃو.
9
خدا، جنهن پنهنجي فرزند يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت ۾ رهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو آهي، سو ڀروسي لائق آهي.
10
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.
11
آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن.
12
منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“
13
ڀلا مسيح ورهائجي ويو آهي ڇا؟ ڇا اوهان جي لاءِ صليب تي پولس کي چاڙهي ماريو ويو؟ ڇا اوهان بپتسما پولس جي نالي تي ورتي هئي؟
14
آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي.
15
سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منهنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي.
16
ها! مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آهي. پر انهن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنهن ٻئي کي بپتسما ڏني هجي.
17
حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙهي جان ڏيڻ بياثر ٿئي.
18
بيشڪ، صليب جو هي پيغام انهن جي نظر ۾ بيوقوفي آهي، جيڪي برباد ٿي رهيا آهن. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيا آهيون، تن لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.
19
اهو خدا جي پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”آءٌ ڏاهن جي ڏاهپ نابود ڪندس ۽ عقلمندن جي عقل کي بيڪار ڪري ڇڏيندس.“
20
هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن شريعت جا عالم ؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا هن دنيا جي ڏاهپ کي بيوقوفي قرار نہ ڏنو آهي؟
21
خدا پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ خدا جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام وسيلي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اهو پيغام دنيا جي نظر ۾ بيوقوفي آهي.
22
يهودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آهن، جڏهن تہ يوناني ڏاهپ جا ڳولائو هوندا آهن.
23
پر اسين صليب تي چاڙهيل مسيح جي منادي ٿا ڪريون، جيڪو يهودين جي نظر ۾ ٺوڪر جو سبب ۽ غير قومن جي نظر ۾ بيوقوفي آهي.
24
پر جن ماڻهن کي خدا سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي.
25
ياد رکو، خدا جون جيڪي ڳالهيون بيوقوفي ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ خدا جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن.
26
هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انهيءَ وقت اوهين ڇا هئا، جڏهن خدا اوهان کي سڏيو. ماڻهن جي نظر ۾ تہ اوهان مان ڪي ٿورا ڏاها، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا هئا.
27
پر خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان بيوقوف ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.
28
خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.
29
مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري.
30
اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،
31
جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16