bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Corinthians 13
1 Corinthians 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
1
جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.
2
جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.
3
جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سڀ مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان، بلڪ پنهنجي جان بہ جوکي ۾ وجھان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ انهيءَ مان مون کي ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو.
4
محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي. محبت حسد نہ ٿي ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي.
5
محبت بدتميزي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿي رکي.
6
محبت بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.
7
محبت سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿي ۽ پورو اعتماد رکي ٿي. محبت پوري اميد رکي ٿي ۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿي.
8
محبت ڪڏهن ختم نہ ٿي ٿئي، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،
9
ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي، ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ۾ اسين ڪامل نہ آهيون.
10
پر جڏهن ڪامل ايندو تہ اڌورو ختم ٿي ويندو.
11
جڏهن آءٌ ٻار هئس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس، ٻارن وانگر سمجھندو هئس ۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس. پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.
12
ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.
13
مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان محبت افضل آهي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16