bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Corinthians 2
1 Corinthians 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 3 →
1
جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون خدا جي راز جي منادي ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪئي هئي.
2
مون اهو پڪو ارادو ڪيو هو تہ جيترو وقت آءٌ اوهان وٽ رهان تہ عيسيٰ مسيح ، بلڪ سندس صليب تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڳالهايان.
3
آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس.
4
منهنجي تقرير ۽ تبليغ ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جهڙيون ثابت ٿي پئي ويون،
5
انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهان جو ايمان ماڻهن جي ڏاهپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم هجي.
6
تنهن هوندي بہ پختي ايمان وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن دنيا جي آهي، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.
7
اسين تہ خدا جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا خدا دنيا جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.
8
انهيءَ ڏاهپ کي هن دنيا جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏهن بہ صليب تي ڪين چاڙهين ها.
9
پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“
10
پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي.
11
ماڻهوءَ جا خيال سندس روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح خدا جا خيال سندس پاڪ روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي.
12
اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي خدا اسان کي بخشيون آهن.
13
اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پاڪ روح جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پاڪ روح رهي ٿو.
14
پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بيوقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.
15
جنهن ماڻهوءَ ۾ پاڪ روح رهي ٿو، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پاڪ روح واري کي بنا پاڪ روح وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،
16
جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڪنهن خداوند جي عقل کي سمجھيو آهي، جو کيس صلاح ڏيئي سگھي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جو عقل مليل آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16