bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Corinthians 12
1 Corinthians 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 13 →
1
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان پاڪ روح جي ڏنل نعمتن جي جيڪا ڳالهہ ڪئي، تنهن بابت آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اڻڄاڻ رهو.
2
اوهين ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني گمراهہ ڪري گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.
3
تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ ئي خداوند آهي.
4
روحاني نعمتون تہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر پاڪ روح تہ هڪڙو ئي آهي.
5
خدمتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر خداوند عيسيٰ تہ هڪڙو ئي آهي.
6
ڪم ڪرڻ جون مهارتون بہ جدا جدا قسمن جون آهن، پر خدا تہ هڪڙو ئي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن کي طرح طرح جا ڪم ڪرڻ جون مهارتون بخشي ٿو.
7
هر هڪ ايمان واري مان پاڪ روح جو ظهور ڪنهن نہ ڪنهن نعمت جي وسيلي ٿئي ٿو تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي.
8
هڪڙي کي پاڪ روح ڏاهپ سان ڳالهائڻ جي نعمت بخشي ٿو تہ ٻئي کي ساڳيو پاڪ روح ڄاڻ سان ڳالهائڻ جي نعمت ٿو بخشي.
9
ڪنهن کي ساڳيو پاڪ روح ايمان ۾ مضبوطي بخشي ٿو تہ ڪنهن کي اهو هڪڙو ئي پاڪ روح شفا ڏيڻ جي نعمت ٿو عطا ڪري.
10
پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.
11
مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا نعمتون ورهائي ٿو ڏئي.
12
جيئن هڪڙي بدن جا عضوا گھڻا آهن، تڏهن بہ اهي سڀيئي عضوا گڏجي هڪڙو بدن ٿين ٿا، تيئن مسيح بہ آهي.
13
جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي ، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي هڪڙي بدن ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح اسان سڀني کي پيئاريو ويو.
14
هاڻ جيئن تہ بدن هڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺهيل آهي،
15
سو جيڪڏهن پير چوي تہ ”آءٌ هٿ نہ آهيان، تنهنڪري بدن جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو بدن جو حصو نہ آهي.
16
يا جيڪڏهن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آهيان، تنهنڪري بدن جو حصو نہ آهيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ هو بدن جو حصو نہ آهي.
17
جيڪڏهن سڄو بدن اک هجي ها تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ها؟ يا جيڪڏهن سڄو بدن ڪن هجي ها تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ها؟
18
حقيقت ۾ خدا هر هڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.
19
جيڪڏهن اهي سڀ هڪڙو عضوو هجن ها تہ بدن جو نالو ئي نہ هجي ها.
20
مطلب تہ عضوا تہ گھڻا آهن پر بدن هڪڙو ئي آهي.
21
اک هٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنهنجي ضرورت نہ آهي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوهان جي ضرورت ڪانهي.“
22
اٽلندو بدن جا اهي عضوا، جيڪي ڪمزور لڳن ٿا سي پاڻ وڌيڪ ضروري آهن.
23
بدن جا اهي عضوا جن کي اسين گھٽ عزت وارا سمجھون ٿا، تن کي عزت سان ڍڪيون ٿا، يعني انهن کي اسين شرم وچان ڍڪي سندن گھڻو احترام ٿا ڪريون،
24
جڏهن تہ اسان جي کليل عضون کي اهڙي ضرورت نہ آهي. سو خدا بدن کي اهڙيءَ طرح جوڙيو آهي جو جيڪو گھٽ عزت وارو عضوو آهي، تنهن جو وڏو احترام ڪيو وڃي.
25
اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ جيئن بدن ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي، بلڪ سڀيئي عضوا هڪٻئي جو هڪجهڙو خيال رکن.
26
جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.
27
سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي.
28
خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان رسول ، ٻيا خدا جو پيغام ڏيندڙ، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.
29
ڇا سڀيئي رسول آهن؟ ڇا سڀيئي خدا جو پيغام ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي تعليم ڏيندڙ آهن؟ ڇا سڀيئي معجزا ڪندڙ آهن؟
30
ڇا سڀني کي شفا ڏيڻ جي نعمت مليل آهي؟ ڇا سڀيئي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟
31
سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر نعمتون هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16