bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Corinthians 6
1 Corinthians 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 7 →
1
ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ نہ، پر غير ايمان وارن جي عدالت ۾ وڃي ٿو.
2
اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ئي دنيا جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟
3
ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن دنيا جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟
4
تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي ڪليسيا جي نظر ۾ حقير آهن؟
5
آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟
6
پر اٽلندو اوهين ڀائر ڀينر هڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو سو بہ غير ايمان وارن وٽ.
7
حقيقت ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرڻ ئي اوهان جي وڏي ناڪامي آهي. اوهين ناانصافي سهڻ ڇو نہ ٿا بهتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟
8
بلڪ اوهين تہ خود ئي ناانصافي ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي.
9
اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتپرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊيباز،
10
چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.
11
اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.
12
اوهان مان ڪو پنهنجي لاءِ چوي تہ ”هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ جائز آهي.“ ٺيڪ آهي، پر هر ڪا شيءِ فائدي واري نہ آهي. هائو، هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ بہ جائز آهي، پر آءٌ ڪنهن بہ شيءِ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندس.
13
بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ خدا ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ بدن زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ خداوند عيسيٰ جي خدمت لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.
14
انهيءَ ڪري خدا جهڙيءَ طرح پنهنجي قدرت سان خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تهڙيءَ طرح هو اسان کي بہ جيئرو ڪري اٿاريندو.
15
ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ.
16
ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.“
17
جڏهن تہ جيڪو خداوند عيسيٰ سان ميل ميلاپ رکي ٿو سو پاڪ روح جي لحاظ کان ساڻس هڪ ٿي وڃي ٿو.
18
سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر گناهہ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي بدن جو گنهگار آهي.
19
ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،
20
ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاهر ڪريو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16