bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Corinthians 16
1 Corinthians 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
1
باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي ڪليسيائن کي ڪئي هئي تہ
2
هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.
3
پوءِ جڏهن آءٌ پهچان تڏهن جن ماڻهن کي اوهين اعتماد جوڳو سمجھي مقرر ڪندا تن کي ڪي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن هو اوهان جو اهو نذرانو يروشلم ڏانهن کڻي وڃن.
4
پر جيڪڏهن مناسب هوندو تہ آءٌ بہ ويندس ۽ اهي مون سان گڏجي هلندا.
5
جيئن تہ منهنجو مڪدُنيا صوبي ڏانهن اچڻ جو ارادو آهي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوهان وٽ ايندس.
6
شايد آءٌ اوهان وٽ ڪجھہ وقت رهان يا سڄو سيارو گذاريان. پوءِ مسافريءَ ۾ جيڏانهن بہ وڃان تہ اوهين مدد ڪري مون کي روانو ڪجو.
7
آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هن وقت رستي ويندي اوهان سان ٿوري وقت لاءِ ملاقات ڪريان، بلڪ اوهان سان ڪافي وقت گذارڻ جي اميد اٿم، جيڪڏهن خداوند چاهيو تہ.
8
فيالحال پنتيڪُست جي عيد تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس،
9
ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.
10
جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بيڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ خداوند جي خدمت جو ڪم پيو ڪري.
11
تنهنڪري ڪوبہ هن کي حقير نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ سلامتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.
12
هاڻي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ هي آهي تہ آءٌ هن کي ڀائرن سان گڏجي اوهان ڏانهن اچڻ لاءِ بار بار زور ڀريندو رهيس. پر هن وقت سندس اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جڏهن موقعو مليس تہ هو ضرور ايندو.
13
سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو
14
۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو محبت سان ڪريو.
15
اوهين ڄاڻو ٿا تہ استفناس ۽ سندس گھر جا ڀاتي اخيا صوبي ۾ اهي پهريان ماڻهو آهن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ پاڻ کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ
16
اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي خدمت وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو.
17
آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، ڇو تہ هنن منهنجي اها سڪ پوري ڪري ڇڏي جيڪا اوهان سان نہ ملڻ جي ڪري منهنجي دل ۾ هئي.
18
ائين هنن منهنجي دل کي بہ تازگي بخشي آهي، جهڙيءَ طرح اوهان جي دلين کي تازگي بخشين ٿا. سو اهڙن ماڻهن جو قدر ڪريو.
19
آسيا صوبي جون ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ سندس زال پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا سميت اوهان کي خداوند عيسيٰ ۾ پرجوش سلام ٿا ڏين.
20
سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.
21
هاڻ آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکان ٿو. اوهان کي منهنجا سلام هجن.
22
جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.
23
شل اوهان تي خداوند عيسيٰ جو فضل ٿيندو رهي.
24
اوهين جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهيو، تن سڀني سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16