bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Kings 12
1 Kings 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 13 →
1
رحبعام سڪم شهر ڏانهن ويو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
2
يربعام ولد نباط مصر ۾ رهندي اها سڄي ڳالهہ ٻڌي پر هو اتي ئي رهي پيو جتي سليمان بادشاهہ وٽان ڀڄي وڃي رهيو هو.
3
سو ماڻهو موڪلي هن کي اتان گھرايو ويو. پوءِ يربعام اترادي قبيلن جي ماڻهن سان گڏ اچي رحبعام کي چيو تہ
4
”توهان جي پيءُ اسان سان سخت سلوڪ ڪيو هو ۽ اسان تي ڳري پاڃاري رکيائين. جيڪڏهن توهان اهي ڳرا ٻوجھہ هلڪا ڪندا تہ اسين توهان جي خدمت ڪندا رهنداسين.“
5
تنهن تي رحبعام کين وراڻيو تہ ”اوهين فيالحال هليا وڃو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ مون وٽ موٽي اچجو.“ سو ماڻهو هليا ويا.
6
پوءِ بادشاهہ رحبعام انهن ماڻهن سان صلاح ڪئي جيڪي هن جي پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ سندس خدمت ڪندا هئا. هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هنن ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟“
7
هنن چيس تہ ”جيڪڏهن توهين اڄ هنن ماڻهن سان نرمي ڪندا، ساڻن بهتر هلت هلندا ۽ کين سٺي موٽ ڏيندا تہ هو هميشہ توهان جا خادم ٿي رهندا.“
8
پر رحبعام انهن ماڻهن جي صلاح کي رد ڪيو ۽ انهن نوجوانن سان صلاح مشورو ڪيائين جيڪي ساڻس گڏ وڌي وڏا ٿيا هئا ۽ سندس خدمت ۾ رهندا هئا.
9
هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان جي ڪهڙي صلاح آهي؟ هنن ماڻهن کي ڪهڙي ورندي ڏيڻ گھرجي جيڪي چون ٿا تہ ’جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي هئي سا هلڪي ڪر.‘“
10
نوجوان کيس چيو تہ ”اهي ماڻهو جن اوهان کي چيو آهي تہ ’اوهان جي پيءُ ڳري پاڃاري اسان تي رکي هئي سا توهين اسان تان هلڪي ڪريو،‘ تن کي توهين چئو تہ ’منهنجي چيچ منهنجي پيءُ جي چيلهہ کان ٿلهي آهي.
11
سو منهنجي پيءُ اوهان تي جيڪا ڳري پاڃاري رکي هئي، آءٌ انهيءَ کي اڃا بہ وڌيڪ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.‘“
12
جيئن رحبعام چيو هو، تيئن ئي يربعام ۽ ٻيا سڀ ماڻهو ٽئين ڏينهن تي وٽس موٽي آيا.
13
رحبعام پنهنجي پيءُ جي صلاحڪارن جي صلاح کي رد ڪندي انهن ماڻهن کي شوخيءَ سان جواب ڏنو.
14
هن جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان لڳي هنن کي چيو تہ ”منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي پر آءٌ انهيءَ کي اڃا بہ وڌيڪ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.“
15
سو رحبعام ماڻهن جي هڪ بہ نہ ٻڌي، ڇو تہ اها ڳالهہ خداوند جي طرفان طئي ٿيل هئي، تہ جيئن خداوند جيڪي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت يربعام ولد نباط سان ڳالهايو هو سو پورو ٿئي.
16
جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ” دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.
17
يهوداہ جي علائقي ۾ رهندڙ بني اسرائيل جي رڳو ٻن قبيلن تي ئي رحبعام جي بادشاهي وڃي بچي.
18
پوءِ بادشاهہ رحبعام بيگارين جي نگران ادونرام کي انهن ڏهن قبيلن ڏانهن موڪليو. پر انهن کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏيو. انهيءَ تي بادشاهہ رحبعام تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.
19
سو انهن ڏهن قبيلن دائود جي گھراڻي کان بغاوت ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن کان باغي آهن.
20
پوءِ جڏهن اتر وارن ڏهن قبيلن ٻڌو تہ يربعام مصر مان موٽي آيو آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي انهيءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. دائود جي گھراڻي سان رڳو سندن قبيلو يهوداہ ئي وفادار رهيو.
21
هوڏانهن جڏهن رحبعام يروشلم ۾ پهتو تڏهن هن يهوداہ ۽ بنيامين قبيلن مان هڪ لک اسي هزار چونڊ جنگي جوڌا گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي ٻين قبيلن وارن سان جنگ ڪري وري پنهنجي سڄي بادشاهت بحال ڪري.
22
پر خدا پنهنجي ٻانهي سمعياہ کي
23
رحبعام ۽ يهوداہ ۽ بنيامين جي قبيلن جي سڀني ماڻهن ڏانهن موڪليو تہ کين وڃي چوي تہ
24
” خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين پنهنجن بني اسرائيل ڀائرن سان جنگ ڪرڻ نہ وڃجو. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي.‘“ تڏهن هنن خداوند جو حڪم مڃيو ۽ پنهنجي پنهنجي گھر موٽي ويا.
25
تنهن کان پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ يربعام افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر کي ڪوٽ ٻڌرائي اُتي رهڻ لڳو. بعد ۾ هو اتان هليو ويو ۽ وڃي فنوايل شهر کي ڪوٽ ٻڌرايائين.
26
پوءِ يربعام پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”هاڻي بادشاهي گھڻو ڪري وري دائود جي گھراڻي ڏانهن موٽي ويندي.
27
جيڪڏهن هي ماڻهو يروشلم ۾ وڃي خداوند جي گھر ۾ قربانيون پيش ڪندا، تہ هنن جون دليون وري پنهنجي مالڪ يهوداہ جي بادشاهہ رحبعام ڏانهن ڦري وينديون ۽ پوءِ هو مون کي ماري وري رحبعام کي پنهنجو بادشاهہ بڻائيندا.“
28
انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“
29
پوءِ هن انهن سونن گابن مان هڪڙو ڏکڻ ۾ بيتايل شهر ۾ رکيو ۽ ٻيو اتر ۾ دان شهر ۾.
30
اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ ماڻهن لاءِ گناهہ جو سبب بڻي، ڇوجو ماڻهو دان شهر تائين بہ وڃي سوني گابي کي پوڄڻ لڳا.
31
يربعام مختلف هنڌن تي پوڄا گھر پڻ تعمير ڪرايا ۽ انهن ۾ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيائين جيڪي لاوي قبيلي مان نہ هئا.
32
يربعام پنهنجي مرضيءَ موجب اٺين مهيني جي پندرهين تاريخ هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي عيد يهوداہ ۾ ٿيندي هئي. پوءِ هو ساڳئي ڏينهن تي بيتايل ڏانهن ويو جتي سوني گابي اڳيان قربانگاهہ تي قربانيون پيش ڪيائين ۽ اتي بہ هن جيڪي مختلف هنڌن تي پوڄا گھر ٺهرايا هئا تن ۾ پڻ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيا.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22