bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Kings 3
1 Kings 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 4 →
1
سليمان مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ سان شادي ڪري ساڻس مائٽي ڳنڍي. جيستائين سليمان پنهنجو محل ۽ هيڪل نہ جوڙائي ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت نہ تعمير ڪرائي، تيستائين انهيءَ زال کي پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ آڻي رهايائين.
2
ماڻهو تڏهن مختلف هنڌن تي وڃي قربانيون پيش ڪندا هئا، ڇو تہ انهن ڏينهن تائين خداوند جي عبادت لاءِ اڃا ڪابہ مستقل هيڪل نہ ٺاهي ويئي هئي.
3
سليمان پنهنجي پيءُ جي نصيحتن تي عمل ڪري خداوند سان محبت جو اظهار تہ ڪندو هو، پر مختلف هنڌن تي وڃي ساڙڻ لاءِ قربانيون پڻ پيش ڪندو هو.
4
جِبعون شهر ۾ هڪ خاص قربانگاهہ هئي، جنهن تي بادشاهہ سليمان سوين قربانيون پيش ڪيون هيون. هڪ دفعي جڏهن بادشاهہ اوڏانهن قرباني پيش ڪرڻ ويو،
5
تڏهن اتي خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ ”جيڪي گھُرڻو اٿيئي سو گھُر تہ آءٌ تو کي ڏيان.“
6
سليمان جواب ڏنو تہ ”تون پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود تي هميشہ ڏاڍو مهربان رهيو آهين، ڇاڪاڻ تہ هو تو سان سچار، وفادار ۽ دل جو سچو هو. تو هن سان اها وڏي مهرباني قائم رکندي سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.
7
هاڻ اي خداوند منهنجا خدا! تو مون پنهنجي ٻانهي کي منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي. پر آءٌ تہ هڪڙي ننڍڙي ٻار مثل آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪيئن اٿان ويهان.
8
آءٌ تنهنجو ٻانهو تنهنجي ئي چونڊيل قوم مان آهيان، جيڪا ايڏي تہ وڏي قوم آهي جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.
9
سو مون پنهنجي ٻانهي کي سمجھہ ڀري دل عطا ڪر، جنهن سان آءٌ تنهنجي قوم مٿان انصاف سان حڪمراني ڪريان ۽ چڱي ۽ بري جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان. نہ تہ ڪير آهي جيڪو تنهنجي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪري سگھي؟“
10
خداوند انهيءَ ڳالهہ ڪري خوش ٿيو جو سليمان اها شيءِ گھري.
11
سو کيس چيائين تہ ”جيئن تہ تو نہ پنهنجي لاءِ وڏي حياتي گھُري آهي ۽ نہ دولت، نہ ئي وري پنهنجي دشمن لاءِ موت گھريو اٿيئي، بلڪ تو انصاف ڪرڻ لاءِ سمجھہ گھري آهي،
12
تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن ئي آءٌ ڪريان ٿو. آءٌ تو کي عقل ۽ سمجھہ واري اهڙي دل ڏيان ٿو جيڪا ڪنهن ٻئي کي نہ تو کان اڳ ۾ ملي هئي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.
13
انهيءَ کان سواءِ جيڪي تو نہ گھريو آهي سو بہ آءٌ تو کي ڏيان ٿو، يعني دولت ۽ عزت، انهيءَ ڪري تہ تنهنجي هوندي ٻيو ڪوبہ بادشاهہ تو جهڙو نہ هجي.
14
جيڪڏهن تون منهنجيءَ راهہ تي هلندي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ڪندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس.“
15
پوءِ سليمان جاڳيو ۽ محسوس ڪيائين تہ خداوند اهو سڀ ڪجھہ ساڻس خواب ۾ ڪيو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو ۽ اچي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي سڀني عملدارن جي دعوت ڪئي.
16
هڪ ڏينهن ٻہ ڪسبياڻيون اچي بادشاهہ سليمان جي اڳيان بيٺيون.
17
انهن مان هڪڙيءَ چيو تہ ”اي منهنجا آقا! آءٌ ۽ هيءَ عورت ٻئي هڪڙي ئي گھر ۾ رهنديون آهيون. مون کي گھر ۾ هڪڙو پٽ ڄائو، تنهن مهل هيءَ بہ اتي هئي.
18
منهنجي ٻار ڄڻڻ کان ٽئين ڏينهن تي هن عورت کي بہ پٽ ڄائو. اسين اڪيليون هيونسين ۽ گھر ۾ اسان ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو.
19
پوءِ هڪ رات هن عورت جو ٻار هن جي هيٺان دٻجي مري ويو.
20
تڏهن هن اڌ رات جو اُٿي منهنجو پٽ منهنجي پاسي مان کنيو، تنهن مهل آءٌ تنهنجي ٻانهي ننڊ پيئي هئس. هن انهيءَ کي کڻي وڃي پنهنجي پاسي ۾ سمهاريو ۽ پنهنجو مئل پٽ منهنجي پاسي ۾ سمهاري ويئي.
21
جڏهن آءٌ صبح جو پنهنجي ٻار کي ٿڃ پيئارڻ لاءِ اٿيس تڏهن ڇا ڏسان تہ اهو مئو پيو آهي. پر جڏهن چٽو ڏينهن ٿيو ۽ مون چتائي نهاريو تڏهن ڏٺم تہ اهو منهنجو ڄڻيل پٽ نہ آهي.“
22
تنهن تي ٻيءَ عورت چيو تہ ”نہ، ائين ناهي، هي جيئرو منهنجو پٽ آهي ۽ هو مئل تنهنجو پٽ آهي.“ پر پهرين عورت وراڻيو تہ ”نہ، هي مئل تنهنجو پٽ آهي ۽ هو جيئرو منهنجو پٽ آهي.“ انهيءَ طرح هنن بادشاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي ڳالهہ بيان ڪئي.
23
تڏهن بادشاهہ سليمان چيو تہ ”توهان مان هڪڙي چوي ٿي تہ ’هي جيئرو منهنجو پٽ آهي ۽ هو مئل تنهنجو پٽ آهي،‘ جڏهن تہ ٻي ٿي چوي تہ ’نہ، مئل پٽ تنهنجو آهي ۽ جيئرو منهنجو پٽ آهي.‘“
24
پوءِ بادشاهہ چيو تہ ”مون کي تلوار آڻي ڏيو.“ سو بادشاهہ کي تلوار آڻي ڏني ويئي.
25
ان کان پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن جيئري ٻار کي ٻہ ٽڪر ڪري اڌ هڪڙيءَ کي ڏيو ۽ اڌ ٻيءَ کي.“
26
تڏهن جيئري ٻار جي حقيقي ماءُ جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي ۽ چيائين تہ ”منهنجا آقا، انهيءَ کي قتل نہ ڪريو پر ڀلي هن کي ئي ڏيئي ڇڏيو.“ مگر ٻيءَ چيو تہ ”اهو نہ تو کي ملي نہ مون کي. ڀلي تہ کيس وڍي ٻہ ٽڪر ڪيو وڃي.“
27
تڏهن بادشاهہ پنهنجو فيصلو ڏنو تہ ”انهيءَ جيئري ٻار کي قتل نہ ڪريو ۽ اهو پهرينءَ عورت کي ڏيو. اها ئي سندس ماءُ آهي.“
28
جڏهن سڄي بني اسرائيل بادشاهہ جو اهو فيصلو ٻڌو تڏهن هو سندس بيحد تعظيم ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي دانائي آهي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22