bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Kings 13
1 Kings 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 14 →
1
تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو خداوند جي حڪم سان يهوداہ مان بيتايل ۾ آيو. ان وقت يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي قربانيون پيش ڪري رهيو هو.
2
اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربانگاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربانگاهہ! اي قربانگاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“
3
هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي ۽ جيڪا رک انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.“
4
جڏهن بادشاهہ يربعام انهيءَ خدا جي ٻانهي جي اها ڳالهہ ٻڌي جيڪا هن قربانگاهہ خلاف چئي، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان هٿ ڊگھيري حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ شخص کي پڪڙيو.“ پر جيڪو هٿ هن انهيءَ خدا جي ٻانهي ڏانهن ڊگھيريو هو سو اهڙو تہ سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نہ سگھيو.
5
قربانگاهہ پڻ ڦاٽي پيئي ۽ ان تان رک هيٺ هارجي ويئي جيئن خدا جي ٻانهي خداوند جي حڪم سان چيو هو.
6
تڏهن بادشاهہ يربعام خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جو تون خاص ٻانهو آهين، تنهن کان منهنجي لاءِ دعا گھر ۽ کيس سوال ڪر تہ منهنجو هٿ وري ٺيڪ ٿي پوي.“ سو انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کان دعا گھري تہ بادشاهہ جو هٿ وري ٺيڪ ٿي ويو ۽ جهڙو اڳي هو تهڙو ئي ٿي پيو.
7
پوءِ بادشاهہ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مون سان گڏجي منهنجي گھر هل ۽ ڪجھہ کاءُ پيءُ ۽ آءٌ تو کي انعام بہ ڏيندس.“
8
پر خدا جي ٻانهي بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي ملڪيت جو اڌ بہ ڏيندين تہ بہ آءٌ تو سان نہ هلندس، نڪي هتي ماني کائيندس ۽ نہ وري پاڻي پيئندس،
9
ڇاڪاڻ تہ خداوند مون کي حڪم ڏنو هو تہ ’نہ ماني کائجانءِ نہ پاڻي پيئجانءِ، نڪي انهيءَ رستي سان موٽجانءِ جنهن سان آيو هئين.‘“
10
سو هو ٻيو رستو وٺي هليو ويو، جنهن رستي سان بيتايل ۾ آيو هو تنهن سان نہ موٽيو.
11
اُتي بيتايل ۾ نبي سڏائيندڙ هڪڙو پوڙهو رهندو هو، جنهن کي سندس پٽن اچي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪو تنهن ڏينهن خدا جي انهيءَ ٻانهي ڪيو هو. جيڪي هن بادشاهہ کي چيو هو سو بہ هنن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو.
12
سندن پيءُ کانئن پڇيو تہ اهو ماڻهو ڪهڙو رستو وٺي ويو. سندس پٽن اهو رستو کيس ڏيکاريو جنهن سان يهوداہ کان آيل اهو خدا جو ٻانهو ويو هو.
13
تڏهن هن پنهنجي پٽن کي چيو تہ ”مون کي گڏهہ پلاڻي ڏيو.“ جڏهن هنن گڏهہ کي پلاڻيو تڏهن هو گڏهہ تي چڙهيو
14
۽ انهيءَ خدا جي ٻانهي جي پٺيان ويو. هن انهيءَ کي شاهہبلوط جي هڪڙي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺو ۽ پڇيائينس تہ ”جيڪو خدا جو ٻانهو يهوداہ کان آيو هو سو تون ئي آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ ئي آهيان.“
15
تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي کيس چيو تہ ”مون سان گڏجي منهنجي گھر هل ۽ هلي ماني کاءُ.“
16
پر خدا جي ٻانهي کيس وراڻيو تہ ”آءٌ تو سان موٽي هلي نہ ٿو سگھان ۽ نہ ئي وري هن هنڌ تو سان ماني کائي سگھان ٿو يا پاڻي پي سگھان ٿو.
17
مون کي خداوند جو حڪم آهي تہ ’نہ ماني کائجانءِ، نہ اتي پاڻي پيئجانءِ، نہ وري انهيءَ رستي سان موٽجانءِ جنهن سان وڃين.‘“
18
تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو تہ ”جهڙو خدا جو ٻانهو تون آهين تهڙو آءٌ بہ آهيان. خداوند جي حڪم سان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو آهي تہ ’هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر وٺي اچ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي.‘“
19
سو خدا جو اهو ٻانهو انهيءَ سان گڏ موٽي آيو ۽ سندس گھر ۾ کاڌائين پيتائين.
20
جيئن تہ هو اڃا دسترخوان تي ويٺا ئي هئا تہ اهو نبي سڏائيندڙ پوڙهو، جيڪو خدا جي ٻانهي کي موٽائي وٺي آيو هو، تنهن سان خداوند ڳالهايو.
21
سو هن رڙ ڪري يهوداہ کان آيل خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ تو خداوند جي نافرماني ڪئي آهي جو جيڪو حڪم خداوند تنهنجي خدا تو کي ڏنو هو تنهن جي تعميل نہ ڪئي اٿيئي.
22
تون موٽي آئين ۽ جنهن هنڌ بابت هن تو کي چيو هو تہ ’اتي نہ ماني کائجانءِ ۽ نہ پاڻي پيئجانءِ‘ تنهن هنڌ تو ماني کاڌي آهي ۽ پاڻي پيتو آهي. تنهنڪري هاڻي تون جلدي ئي ماريو ويندين ۽ تنهنجو لاش تنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرستان تائين نہ پهچي سگھندو جو تو کي اتي دفن ڪيو وڃي.“
23
جڏهن خداوند جي ٻانهي کائي پي بس ڪئي، تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ هن لاءِ پنهنجو گڏهہ پلاڻيو.
24
جيئن تہ هو رستي سان ويو پئي تہ هڪ شينهن گڏيس جنهن کيس ماري وڌو. هن جو لاش رستي تي ئي پيو رهيو ۽ گڏهہ انهيءَ جي ڀر ۾ بيهي رهيو، شينهن بہ لاش جي پاسي ۾ بيهي رهيو.
25
جڏهن اتان ڪي ماڻهو اچي لنگھيا ۽ لاش کي رستي تي پيل ۽ شينهن کي لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺائون، تڏهن هنن اچي انهيءَ شهر ۾ اها ڳالهہ ٻڌائي جتي اهو پوڙهو رهندو هو.
26
جڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”اهو خدا جو اهو ئي ٻانهو آهي جنهن خداوند جي حڪم جي نافرماني ڪئي هئي. تنهنڪري خداوند هن کي شينهن جي حوالي ڪيو جنهن کيس چيري ڦاڙي ماري ڇڏيو، جيئن خداوند کيس چتاءُ ڏنو هو.“
27
پوءِ انهيءَ پوڙهي پنهنجي پٽن کي چيو تہ ”مون کي گڏهہ پلاڻي ڏيو.“ هنن اُهو پلاڻي ڏنس.
28
تڏهن هو روانو ٿيو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ ماڻهوءَ جو لاش رستي تي پيو آهي ۽ گڏهہ ۽ شينهن لاش جي ڀرسان بيٺا آهن. شينهن نڪي لاش کي کاڌو آهي ۽ نہ وري گڏهہ کي ئي ڦاڙيو اٿائين.
29
پوءِ انهيءَ پوڙهي خدا جي ان ٻانهي جو لاش کڻي گڏهہ تي رکيو ۽ سندس واسطي سوڳ ڪرڻ ۽ کيس دفن ڪرڻ لاءِ پنهنجي شهر بيتايل ڏانهن موٽائي کڻي آيو.
30
هن انهيءَ جو لاش پنهنجي قبرستان ۾ دفن ڪيو ۽ مٿس روئيندي چيو تہ ”آہ! اي منهنجا ڀاءُ! افسوس، صد افسوس!“
31
هن جي دفن ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ پوڙهي پنهنجي پٽن کي چيو تہ ”جڏهن آءٌ مران تڏهن مون کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪجو جنهن ۾ اهو خدا جو ٻانهو دفن ڪيل آهي ۽ منهنجو لاش هن جي قبر جي ڀرسان پورجو.
32
انهيءَ سبب جو خداوند جي حڪم موجب جيڪي ڳالهيون هن بيتايل ۾ قربانگاهہ بابت ۽ سامريہ جي ڳوٺن ۾ سڀني پوڄا گھرن جي باري ۾ ڪيون هيون سي ضرور پوريون ٿينديون.“
33
انهيءَ جي باوجود بہ بادشاهہ يربعام پنهنجي بڇڙي رستي کان باز نہ آيو، بلڪ هڪ دفعو وري هن مختلف هنڌن تي قائم ڪيل پوڄا گھرن ۾ عام ماڻهن مان مذهبي بزرگ مقرر ڪيا جيڪي لاوي قبيلي جا نہ هئا. جنهن بہ مذهبي بزرگ ٿيڻ گھريو ٿي تہ هن ان کي مخصوص ڪري مقرر ٿي ڪيو.
34
يربعام جو اهو گناهہ سندس گھراڻي لاءِ تباهي ۽ برباديءَ جو سبب بڻيو.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22