bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Kings 5
1 Kings 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 6 →
1
صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.
2
سليمان موٽ ۾ حيرام بادشاهہ ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ
3
”تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ انهيءَ ڪري هيڪل جوڙائي نہ سگھيو جو آسپاس وارن علائقن ۾ ايستائين ساڻس جنگيون هلنديون رهيون، جيستائين خداوند انهيءَ جي دشمنن کي سندس پيرن هيٺ نہ ڪيو.
4
پر هاڻ خداوند منهنجي خدا مون کي هر ڪنهن پاسي کان سڪون ڏنو آهي ۽ منهنجو ڪوبہ مخالف ڪونهي ۽ نہ ڪنهن مصيبت جو مارو آهي.
5
سو هاڻ منهنجو ارادو آهي تہ خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ آءٌ هڪڙي هيڪل تعمير ڪرايان جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ ’تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي جاءِ تي تخت تي وهاريندس سو ئي منهنجي عبادت لاءِ هڪ گھر ٺهرائيندو.‘
6
سو هاڻي حڪم جاري ڪر تہ منهنجي لاءِ لبنان جي علائقي ۾ ديال جا وڻ وڍيا وڃن. منهنجا مزدور تنهنجي مزدورن سان همراهي ڪرائيندا ۽ آءٌ تنهنجي مزدورن جي تو کي اوتري ئي اجرت ڏيندس جيتري تون مقرر ڪندين. تو کي تہ خبر آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ اوهان صيدانين جهڙو هجي.“
7
جڏهن سليمان جو پيغام حيرام بادشاهہ ٻڌو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تہ ”اڄوڪي ڏينهن خداوند جي واکاڻ هجي، جنهن دائود کي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هڪڙو داناءُ پٽ عطا ڪيو آهي.“
8
پوءِ بادشاهہ حيرام سليمان ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيڪو پيغام تو مون ڏانهن موڪليو آهي سو مون کي مليو. ديال ۽ صنوبر جي ڪاٺ جي باري ۾ جيئن تون چاهين ٿو تيئن آءٌ ڪندس.
9
منهنجا مزدور اهو ڪاٺ لبنان کان سمنڊ تائين آڻيندا ۽ هو انهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ تائين لوڙهي آڻيندا، جيڪو هنڌ تون مقرر ڪندين. اتي هو انهن کي کولي رکندا ۽ پوءِ تون اتان کڻائي وڃج. باقي تون ان جي عيوض منهنجي محل جي لاءِ گھربل سيڌو سامان موڪلي ڏج.“
10
اهڙيءَ طرح بادشاهہ حيرام سليمان کي سندس خواهش موجب ديال ۽ صنوبر جو ڪاٺ پهچائيندو رهيو.
11
سليمان حيرام بادشاهہ کي سندس محل جي لاءِ سيڌي سامان طور سوا پنجٽيهہ لک ڪلوگرام ڪڻڪ ۽ چار لک چاليهہ هزار ليٽر زيتون جو نج تيل ڏياري موڪليو. انهيءَ طرح سال بسال سليمان حيرام ڏانهن سيڌو سامان موڪليندو رهيو.
12
خداوند سليمان کي دانائي بخشي، جيئن ساڻس واعدو ڪيو هئائين. حيرام ۽ سليمان ۾ صلح قائم رهيو ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪڙو معاهدو ڪيو.
13
بادشاهہ سليمان بني اسرائيل جي سڄي قوم مان ٽيهہ هزار ماڻهو بيگار لاءِ گڏ ڪيا.
14
هو انهن مان واري واري سان ڏهہ هزار ماڻهن کي لبنان ڏانهن موڪليندو هو. اهڙيءَ طرح اهي هڪ مهينو لبنان ۾ رهندا هئا ۽ ٻہ مهينا پنهنجي گھرن ۾. ادونرام انهن بيگاري ماڻهن جو نگران هو.
15
سليمان بادشاهہ جبلن ۾ پٿر ٽُڪڻ لاءِ اسي هزار ماڻهو ۽ اهي پٿر ڍوئڻ لاءِ ستر هزار ماڻهو لڳايا.
16
انهن کان علاوہ وٽس ٽي هزار ۽ ٽي سؤ ڄڻا اهي بہ هئا جيڪي ڪم ۾ انهن ماڻهن جي نگراني ۽ رهنمائي ڪندا هئا.
17
بادشاهہ سليمان جي حڪم تي هنن وڏا وڏا ۽ سٺا پٿر هيڪل جو بنياد وجھڻ لاءِ ٽُڪي ڪڍيا.
18
اهڙيءَ طرح سليمان بادشاهہ ۽ حيرام بادشاهہ جي ڪاريگرن ۽ جِبل شهر وارن هيڪل جي لاءِ پٿرن ۽ ڪاٺ کي گھڙي تيار ڪيو.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22