bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Kings 19
1 Kings 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 20 →
1
بادشاهہ اخياب پنهنجيءَ زال ايزبل کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي الياس ڪيو هو ۽ اهو بہ تہ ڪيئن هن بعل ديوتا جي سڀني نبي سڏائيندڙن کي مارايو.
2
تڏهن راڻي ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان الياس کي چوائي موڪليو تہ ”جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري مون تو سان ائين نہ ڪيو جيئن تو بعل جي انهن نبين سان ڪيو هو تہ پوءِ ڀلي تہ ديوتا مون کي ماري ڇڏين.“
3
الياس ڊڄي ويو ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر اُٿي ڀڳو. جڏهن هو يهوداہ واري بيرسبع شهر ۾ آيو تڏهن پنهنجي ماڻهوءَ کي اتي ڇڏي ڏنائين،
4
پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“
5
پوءِ هو انهيءَ وڻ هيٺ ليٽي پيو ۽ ننڊ وٺي ويس. تڏهن اوچتو هڪ ملائڪ کيس هٿ لائي جاڳائي چيس تہ ”اُٿ ۽ ماني کاءُ.“
6
هن اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ سندس مٿي کان ٽانڊن تي پڪل هڪڙو ڍوڍو ۽ پاڻيءَ جو دلو رکيو آهي. هن اُٿي کاڌو پيتو ۽ وري سمهي پيو.
7
خداوند جو ملائڪ وري ٻيو ڀيرو وٽس آيو ۽ کيس هٿ لائي جاڳائي چيائينس تہ ”اُٿ ماني کاءُ، ڇو تہ تو کي وڏو سفر ڪرڻو آهي.“
8
سو هن اُٿي کاڌو ۽ پيتو. انهيءَ کاڌي جي طاقت سان هو چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون سفر ڪري خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.
9
اتي هو هڪڙي غار ۾ گھڙي ويو ۽ رات اتي ئي گذاريائين. تڏهن اوچتو خداوند ساڻس ڳالهايو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“
10
الياس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ تو خداوند ، قادرِمطلق خدا لاءِ تمام سرگرم رهيو آهيان، جڏهن تہ اسرائيل وارن تنهنجي عهد کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجيون قربانگاهون ڀڃي ڇڏيون اٿن ۽ تنهنجي نبين کي تلوار سان ماري ڇڏيو اٿائون. انهن نبين مان رڳو آءٌ ئي وڃي بچيو آهيان ۽ هاڻ هو مون کي بہ مارڻ پٺيان آهن.“
11
خداوند کيس چيو تہ ”ٻاهر نڪر ۽ جبل تي مون خداوند جي حضور ۾ هلي بيهہ. آءٌ خداوند اتان لنگھڻ وارو آهيان.“ انهيءَ ئي مهل سخت زوردار طوفان لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا ۽ ٽڪرَ ڀورا ڀورا ٿي ويا، پر خداوند طوفان ۾ ڪونہ هو. طوفان کان پوءِ زلزلو آيو، پر خداوند زلزلي ۾ بہ ڪونہ هو.
12
زلزلي کان پوءِ باهہ آئي، پر خداوند باهہ ۾ بہ ڪونہ هو. باهہ کان پوءِ هڪڙو سس پس جهڙو هلڪو آواز آيو.
13
جڏهن الياس اهو ٻڌو تڏهن چادر سان پنهنجو منهن ڍڪي نڪري اچي غار جي منهن وٽ اندران ئي بيهي رهيو. تڏهن انهيءَ آواز کيس چيو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“
14
الياس وراڻيو تہ ”آءٌ تو خداوند ، قادرِمطلق خدا لاءِ تمام سرگرم رهيو آهيان، جڏهن تہ اسرائيل وارن تنهنجي عهد کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجيون قربانگاهون ڀڃي ڇڏيون اٿن ۽ تنهنجي نبين کي تلوار سان ماري ڇڏيو اٿائون. انهن نبين مان رڳو آءٌ ئي وڃي بچيو آهيان ۽ هاڻ هو مون کي بہ مارڻ پٺيان آهن.“
15
خداوند کيس چيو تہ ”پوئتي موٽ ۽ بيابان منجھان دمشق ڏانهن وڃ. جڏهن تون اتي پهچين تڏهن حزائيل کي مسح ڪري ارام ملڪ جو بادشاهہ مقرر ڪر.
16
نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ کي پڻ مسح ڪري اسرائيل جو بادشاهہ مقرر ڪر ۽ ابيل محولاہ واري اليشع ولد شافاط کي مسح ڪر تہ هو تنهنجي جاءِ تي نبي ٿئي.
17
جيڪو حزائيل جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي ييهو ماريندو ۽ جيڪو ييهوءَ جي تلوار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع ماريندو.
18
انهيءَ هوندي بہ آءٌ پنهنجي لاءِ اسرائيل ملڪ ۾ ست هزار ماڻهو ڇڏيندس يعني اهي سڀيئي جن جا گوڏا بعل اڳيان سجدي ڪرڻ لاءِ نہ جھڪيا آهن ۽ جن جي چپن سندس بت کي نہ چميو آهي.“
19
سو الياس اتان روانو ٿيو ۽ وڃي اليشع ولد شافاط کي لڌائين جيڪو زمين ۾ هر ڪاهي رهيو هو. ڪل ٻارهن جوٽون هيون. يارهن جوٽون کانئس اڳيان هيون، هو پاڻ ٻارهين يعني آخري جوٽ سان هو. الياس وٽس ويو ۽ پنهنجي چادر لاهي هن جي مٿان اڇلائي وڌائين.
20
تڏهن اليشع ڏاند ڇڏي الياس جي پٺيان ڊوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ کي پيرين پئي الوداع چوڻ ڏيو. پوءِ مان توهان جي پٺيان هليو هلندس.“ تڏهن الياس کيس چيو تہ ”ڪير ٿو جھليئي! پر مون جيڪي تو سان ڪيو سو سمجھہ ۾ نہ آيئِہ؟“
21
تنهن تي اليشع موٽي وڃي پنهنجو ڏاندن جو جوڙو کڻي ڪُٺو. هن هر ۽ پاڃاري کي باهہ ڏئي گوشت پچايو ۽ اهو ماڻهن کي ڏنائين، جن اهو کاڌو. تنهن کان پوءِ هو الياس جي پٺيان روانو ٿيو ۽ سندس خدمتگار بڻيو.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22