bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Kings 21
1 Kings 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 22 →
1
نابوت نالي هڪ شخص جو هڪڙو انگورن جو باغ هو، جيڪو يزرعيل شهر ۾ بادشاهہ اخياب جي محل جي لڳو لڳ هو.
2
هڪڙي ڏينهن اخياب نابوت کي چيو تہ ”جيئن تہ تنهنجو انگورن جو باغ منهنجي محل جي لڳو لڳ آهي، سو اهو مون کي ڏي تہ انهيءَ کي ڀاڄين جو باغ بڻايان. انهيءَ جي عيوض آءٌ تو کي انهيءَ کان بهتر انگورن جو باغ ڏيندس، يا جيڪڏهن تون چاهين تہ آءٌ تو کي انهيءَ جي رقم ڏيان.“
3
پر نابوت اخياب کي چيو تہ ”اهو خدا جي حڪم جي خلاف آهي جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توهان کي ڏيان.“
4
سو اخياب تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو، ڇو تہ نابوت کيس چيو هو تہ ”آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو تو کي نہ ڏيندس.“ سو هو پنهنجي بستري تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني بہ نہ کاڌائين.
5
پوءِ جڏهن سندس زال ايزبل وٽس آئي تڏهن کانئس پڇيائين تہ ”تون ايترو غمگين ڇو آهين جو ماني بہ نہ ٿو کائين؟“
6
هن کيس ورندي ڏني تہ ”هن ڪري جو مون نابوت کي چيو تہ ’پنهنجو انگورن جو باغ پئسن سان مون کي ڏي، يا جيڪڏهن چاهين تہ آءٌ تو کي انهيءَ جي عيوض ٻيو انگورن جو باغ ڏيان.‘ مگر هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ پنهنجو انگورن جو باغ تو کي نہ ڏيندس.‘“
7
تڏهن سندس زال ايزبل کيس چيو تہ ”تون اسرائيل ملڪ جو بادشاهہ ناهين ڇا؟ هاڻ اُٿي ماني کاءُ ۽ دلجاءِ ڪر. نابوت کان انگورن جو باغ تو کي آءٌ وٺي ڏينديس.“
8
پوءِ سندس زال ايزبل اخياب جي نالي سان خط لکيا جن تي اخياب جي مُهر هنيائين. هن اهي خط انهن اڳواڻن ۽ اميرن ڏانهن موڪليا جيڪي يزرعيل شهر ۾ رهندا هئا جتي نابوت پڻ رهندو هو.
9
انهن خطن ۾ هن لکيو تہ ”روزي رکڻ جي ڏينهن جو اعلان ڪريو، ماڻهن کي گڏ ڪريو ۽ انهن ۾ نابوت کي خاص جاءِ تي ويهاريو.
10
ٻہ بدمعاش ماڻهو هن جي سامهون ويهاريو ۽ انهن کان نابوت خلاف شاهدي ڏياريو تہ نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.“
11
سو انهيءَ شهر جي اڳواڻن ۽ اميرن ائين ئي ڪيو جيئن ايزبل کين خطن ۾ لکي موڪليو هو.
12
هنن روزي رکڻ جي ڏينهن جو اعلان ڪيو ۽ ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ نابوت کي تن ۾ خاص جاءِ تي ويهاريو.
13
پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.
14
تنهن کان پوءِ ايزبل ڏانهن چوائي موڪليو ويو تہ ”نابوت کي سنگسار ڪري ماريو ويو آهي.“
15
جڏهن ايزبل ٻڌو تہ نابوت کي سنگسار ڪري ماريو ويو آهي، تڏهن بادشاهہ اخياب کي چيائين تہ ”نابوت مري چڪو آهي. سو اُٿ ۽ انگورن جي انهيءَ باغ تي قبضو ڪر جيڪو هن تو کي پئسن تي بہ ڏيڻ نہ ٿي چاهيو.“
16
جڏهن اخياب نابوت جي مرڻ جي ڳالهہ ٻڌي تڏهن وڃي سندس انگورن جي باغ تي قبضو ڪيائين.
17
پوءِ خداوند الياس تشبيءَ کي چيو تہ
18
” اسرائيل جو بادشاهہ اخياب جيڪو سامريہ ۾ رهي ٿو تنهن وٽ وڃ. هن وقت هو يزرعيل شهر ۾ نابوت جي انگورن جي باغ ۾ آهي، جنهن تي هو قبضو ڪرڻ لاءِ ويو آهي.
19
انهيءَ کي وڃي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’تو ماڻهوءَ جو خون ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪيت بہ ڦري اٿيئي. سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جنهن جاءِ تي نابوت جو رت ڪتن چٽيو آهي، انهيءَ ساڳي جاءِ تي تنهنجو رت بہ ڪتا چٽيندا.‘“
20
جڏهن اخياب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي منهنجا دشمن! تو مون کي هتي بہ اچي ڳولي لڌو؟“ الياس کيس وراڻيو تہ ”هائو، مون تو کي ڳولي لڌو آهي. تو پاڻ مڪمل طرح اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.
21
سو خداوند تو کي فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو تي مصيبت آڻيندس ۽ تنهنجي گھراڻي کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي نرينہ اولاد جو خاتمو آڻيندس، پوءِ اها آزاد هجي يا غلام.
22
آءٌ تنهنجو گھراڻو يربعام ولد نباط ۽ بعشا ولد اخياہ جي گھراڻن جهڙو ڪري ڇڏيندس، ڇو تہ تو مون کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو آهي ۽ اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايو اٿيئي.‘
23
ايزبل جي باري ۾ پڻ خداوند فرمائي ٿو تہ ’يزرعيل شهر جي ڪوٽ جي ڀرسان ايزبل جي لاش کي ڪتا چيري ڦاڙي کائي ڇڏيندا.
24
تنهنجو جيڪو بہ مائٽ شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا ۽ جيڪو جھنگ ۾ مرندو تنهن کي ڳجھون کائينديون.‘“
25
اهو ائين ڇو نہ ٿئي، ڇوجو اخياب جهڙو ٻيو ڪوبہ اهڙو ماڻهو اڳ ڪونہ ٿيو هو جنهن پاڻ مڪمل طرح اهڙو ڪم ڪيو هجي جيڪو خدا جي نظر ۾ برو هجي، سو بہ پنهنجي زال جي چوڻ تي!
26
هن بتن جي پوڄا ڪري تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو هو، جيئن اموري ڪندا هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو.
27
الياس جي انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ اخياب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، جسم تي کٿو ڍڪيائين ۽ روزو رکيائين. هو کٿي تي سمهڻ لڳو ۽ اداس رهڻ لڳو.
28
تڏهن خداوند الياس تشبيءَ کي چيو تہ
29
”ڏس، اخياب ڪيئن نہ منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي. جيئن تہ هو منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي تنهنڪري هن جي ڏينهن ۾ آءٌ اها مصيبت نہ آڻيندس، پر آءٌ اها مصيبت سندس گھراڻي تي هن جي پٽ جي ڏينهن ۾ آڻيندس.“
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22