bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Esther 2
Esther 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 3 →
1
ڪجھہ عرصي کان پوءِ جڏهن شهنشاهہ اخسويرس جي ڪاوڙ جھڪي ٿي، تڏهن راڻي وشتي ۽ سندس عمل متعلق جيڪو فرمان جاري ڪيو هئائين سو کيس ياد پيو.
2
تڏهن شهنشاهہ جي ڪن خاص خدمتگارن شهنشاهہ کي صلاح ڏني تہ سندس لاءِ سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون ڳولي هٿ ڪيون وڃن.
3
ان لاءِ شهنشاهہ پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ڪي اعليٰ عملدار مقرر ڪري تہ جيئن اُهي سڀيئي سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي واري حرم خاني ۾ آڻين. اهي شهنشاهہ جي هيجا نالي هڪڙي خواجہسرا ناظر، جيڪو عورتن جو نگران آهي، تنهن جي سنڀال هيٺ رکيون وڃن ۽ کين هار سينگار جي هر ڪا سهوليت مهيا ڪئي وڃي.
4
پوءِ جيڪا جوان ڇوڪري شهنشاهہ کي وڻي سا وشتيءَ جي جاءِ تي سندس راڻي ٿئي. اها صلاح شهنشاهہ کي ڏاڍي وڻي سو هن ائين ئي ڪيو.
5
سوسن جي شاهي قلعي ۾ بنيامين قبيلي جو هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي ولد يائر هو ۽ جيڪو سمعي ۽ قيس جي اولاد مان هو.
6
هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين سان گڏ يروشلم مان قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو هو. انهن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو هو.
7
مردڪئيءَ کي هدساہ نالي هڪ سئوٽ هئي، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، ڇو تہ هن کي ماءُ پيءُ ڪونہ هئا. اها ڇوڪري، جنهن کي آستر پڻ سڏيو ويندو هو سا منهن مهانڊي ۾ ڏاڍي سهڻي هئي.
8
پوءِ جڏهن شهنشاهہ جي جاري ٿيل فرمان جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن ڪيتريون ئي ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي ۾ آڻي گڏ ڪيون ويون ۽ عورتن جي ناظر هيجا جي سنڀال هيٺ رکيون ويون. آستر کي بہ شهنشاهہ جي محل ۾ آندو ويو ۽ کيس هيجا جي سنڀال هيٺ رکيو ويو.
9
اها ڇوڪري هيجا کي وڻي ويئي ۽ هو مٿس مهربان ٿي پيو. تڏهن فوراً هن کي هار سينگار جي هر ڪا سهوليت ڏني ويئي ۽ سٺو کاڌو پيتو پڻ مهيا ڪيو ويو. هيجا آستر کي محل مان ست نوڪرياڻيون سندس خدمت لاءِ ڏنيون ۽ کيس حرم خاني جي سٺي ۾ سٺي جاءِ ۾ رهايو.
10
آستر پنهنجي يهودي قوميت ۽ خاندان کي ظاهر نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪئي هئي.
11
مردڪئي هر روز حرم خاني جي اڱڻ اڳيان پيو ڦيرا پائيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ آستر ڪيئن آهي ۽ ساڻس ڇا ڇا پيو وهي واپري.
12
ڪنهن بہ ڇوڪريءَ جي شهنشاهہ وٽ حاضر ٿيڻ کان اڳ ۾ هن کي ٻارهن مهينا هار سينگار لاءِ ڏنا ويا. اهي هن طرح جو هر هڪ ڇوڪريءَ کي ڇهہ مهينا مُر جو تيل مهٽڻو هو ۽ ڇهہ مهينا مختلف قسم جي خوشبوءِ هڻڻ ۽ ٻيا هار سينگار ڪرڻا هئا.
13
هوءَ شهنشاهہ وٽ هن طرح ايندي هئي جو حرم خاني کان شاهي محل تائين وڃڻ لاءِ هوءَ جيڪا بہ هار سينگار جي شيءِ گھرندي هئي سا کيس ڏني ويندي هئي. پوءِ هوءَ حرم خاني کان شهنشاهہ جي ڪمري ۾ ويندي هئي.
14
هوءَ شام جو شهنشاهہ وٽ ويندي هئي ۽ صبح جو اُتان موٽي ٻئي حرم خاني ۾ ويندي هئي جتان جو ناظم شعشجز خواجہسرا هوندو هو. هو شهنشاهہ جي سريتن جو نگران هو. اُها ڇوڪري وري ٻيهر شهنشاهہ وٽ موٽي نہ ويندي هئي، ايستائين جو شهنشاهہ انهيءَ مان پاڻ خوش هجي ۽ سندس نالو وٺي کيس ٻيهر نہ سڏائي.
15
جڏهن مردڪئيءَ جي سئوٽ يعني سندس چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو شهنشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن هن ڪجھہ بہ نہ گھريو سواءِ ان جي جيڪي شهنشاهہ جي حرم خاني جي نگران هيجا هن لاءِ تجويز ڪيو. جنهن بہ آستر کي ڏٺو ٿي، تنهن کي اُها وڻي ٿي ويئي.
16
نيٺ آستر کي شاهي محل ۾، شهنشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ شهنشاهہ وٽ آندو ويو.
17
شهنشاهہ سڀني عورتن کان وڌيڪ آستر سان پيار ڪيو ۽ آستر سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ شهنشاهہ جي نظر ۾ مان لڌو ۽ کيس پسند آئي. سو شهنشاهہ شاهي تاج کڻي سندس مٿي تي رکيو ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي بڻايائين.
18
پوءِ شهنشاهہ پنهنجي سڀني اميرن ۽ عملدارن جي هڪڙي وڏي دعوت ڪئي، يعني آستر جي راڻي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ دعوت. هن سڀني صوبن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ۽ شاهي شان وَ شوڪت موجب ماڻهن ۾ تحفا ورهايائين.
19
جڏهن ٻيون ڪنواريون ڇوڪريون آنديون ويون، تڏهن مردڪئي شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر هو.
20
آستر اڃا تائين پنهنجو خاندان ۽ پنهنجي يهودي قوم ظاهر نہ ڪئي هئي، ڇوجو مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي. هوءَ اڃا تائين ائين ئي مردڪئيءَ جي چوڻ تي عمل ڪندي رهي جيئن هوءَ پنهنجي پالنا دوران ڪندي هئي.
21
جن ڏينهن ۾ مردڪئي شاهي قلعي جي دروازي وٽ مقرر هو تن ڏينهن ۾ شاهي آرامگاهہ جا ٻہ خواجہسرا محافظ بگتان ۽ ترش شهنشاهہ تي اچي ڪاوڙيا ۽ کيس قتل ڪرڻ جي سازش رٿيائون.
22
پر مردڪئيءَ کي ان سازش جو پتو پئجي ويو، جنهن وڃي راڻي آستر کي اها ڳالهہ ٻڌائي. آستر وري وڃي اها ڳالهہ مردڪئيءَ جي نالي سان شهنشاهہ کي ٻڌائي.
23
جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ پڙتال ڪئي ويئي ۽ معلوم ٿيو تہ اها ڳالهہ سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. اهو سڀ ڪجھہ شهنشاهہ جي روبرو شاهي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10