bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Esther 3
Esther 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 4 →
1
ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.
2
شهنشاهہ جا سڀيئي خدمتگار جيڪي شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر هئا سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جھڪائي سندس تعظيم ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهو شهنشاهہ جو حڪم هو. پر مردڪئي نہ ئي هن اڳيان ڪنڌ جھڪائيندو هو ۽ نہ ئي وري کيس تعظيم ڏيندو هو.
3
تڏهن شهنشاهہ جا ٻيا خدمتگار جيڪي شاهي قلعي جي دروازي وٽ مقرر هئا تن مردڪئيءَ کان پڇيو تہ ”تون شهنشاهہ جو حڪم ڇو نہ ٿو مڃين؟“
4
هو هر روز کيس ائين پيا چوندا هئا، پر آخرڪار مردڪئيءَ کين ٻڌايو تہ هو يهودي آهي ۽ انهيءَ ڳالهہ تي عمل ڪين ڪندو. پوءِ هنن هامان کي ٻڌايو تہ جيئن ڏسن تہ مردڪئي پنهنجي ان ڳالهہ تي قائم رهي ٿو يا نہ.
5
جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان جھڪي سندس تعظيم نہ ٿو ڪري تڏهن هو اچي ڏاڍو ڪاوڙيو.
6
مردڪئيءَ جي يهودي هجڻ جو ٻڌڻ کان پوءِ هن رڳو مردڪئيءَ کي مارائڻ هڪ معمولي ڳالهہ سمجھيو، ڇاڪاڻ تہ هامان سوچيو پئي تہ فارس جي سڄيءَ شهنشاهت ۾ مردڪئيءَ سان گڏ سندس سڄي يهودي قوم کي بہ مارائي ڇڏجي.
7
شهنشاهہ اخسويرس جي شاهيءَ جي ٻارهين سال جي پهرئين مهيني يعني نيسان مهيني ۾ هامان جي مرضيءَ مطابق يهودي قوم کي قتل ڪرڻ واسطي ڏينهن ۽ مهينو چونڊڻ لاءِ ”پُوريم“ يعني ڪڻو وڌو ويو. انهيءَ ڪڻي ۾ ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ نڪتي.
8
پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.
9
جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت جي مرضي هجي تہ انهيءَ قوم کي ناس ڪرڻ لاءِ هڪڙو حڪم جاري ڪيو وڃي. آءٌ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ٽي لک ڪلوگرام چاندي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائيندس.“
10
تڏهن شهنشاهہ پنهنجي آڱر مان مُهر واري منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا اجاجيءَ کي ڏني.
11
هامان کي شهنشاهہ چيو تہ ”اها چاندي ۽ اها قوم تنهنجي حوالي آهي، جيئن تو کي وڻي تيئن تون انهن سان ورتاءُ ڪر.“
12
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.
13
قاصدن ذريعي اهي خط شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن اُماڻيا ويا، جن ۾ لکيل هو تہ ”ٻارهين يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ هڪ ئي ڏينهن تي سڀني يهودين، ننڍن توڙي وڏن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڪهي نيست وَ نابود ڪيو وڃي ۽ انهن جو مال ملڪيت لُٽيو ڦريو وڃي.“
14
انهي ئي مضمون واري حڪم جو اعلان قانون جي حيثيت ۾ هر هڪ صوبي ۾ ڪيو ويو تہ جيئن سڀ ماڻهو ان ڏينهن لاءِ تيار رهن.
15
شاهي حڪم موجب قاصد هڪدم روانا ٿي ويا ۽ اهو حڪم سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ بہ فوراً پڌرو ڪيو ويو. هوڏانهن شهنشاهہ ۽ هامان گڏ ويٺي مئي پئي پيتي، پر سوسن شهر جا رهواسي ڏاڍا پريشان ٿي ويا.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
Recommended Reading
Commentary
Esther Commentaries
→
Devotional
Esther Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→