bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Esther 7
Esther 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 8 →
1
سو شهنشاهہ ۽ هامان راڻي آستر وٽ سندس دعوت کائڻ لاءِ اچي پهتا.
2
ان ٻئي ڏينهن تي بہ مئي پيئڻ وقت شهنشاهہ راڻي آستر کان وري پڇيو تہ ”راڻي آستر! تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اهو قبول ڪيو ويندو. تنهنجي ڪهڙي خواهش آهي؟ شهنشاهت جو اڌ بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“
3
تڏهن راڻي آستر کيس ورندي ڏيندي چيو تہ ”اي شهنشاهہ سلامت! جيڪڏهن مون اوهان جي نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ اوهين جي مناسب سمجھو تہ مون کي ۽ منهنجي قوم کي جيئدان ڏنو وڃي. اهو ئي منهنجو عرض آهي ۽ اها ئي منهنجي خواهش آهي.
4
انهيءَ سبب جو آءٌ ۽ منهنجي قوم مارجي ناس ٿي وڃڻ لاءِ تباهيءَ جي حوالي ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان کي رڳو غلاميءَ ۾ اڇلايو وڃي ها تہ آءٌ ٻڙڪ بہ نہ ڪڇان ها ۽ اوهان کي تڪليف نہ ڏيان ها. پر اسين صفا ناس ٿيڻ تي آهيون.“
5
تنهن تي شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر کان پڇيو تہ ”اُهو ڪير آهي؟ ڪٿي آهي اُهو، جنهن ايتري جرئت ڪئي آهي؟“
6
آستر وراڻيو تہ ”اُهو دشمن ۽ ويري هي بڇڙو هامان آهي.“ تڏهن هامان شهنشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڏاڍو دهلجي ويو.
7
شهنشاهہ ڪاوڙ مان اُٿي بيٺو ۽ پنهنجي مئي اڌ ۾ ڇڏي ٻاهر محل جي باغ ۾ هليو ويو. پر هامان اُٿي راڻي آستر کي پنهنجي جيئدان لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هن محسوس ڪيو هو تہ شهنشاهہ کيس جيئرو نہ ڇڏيندو.
8
پوءِ شهنشاهہ باغ مان واپس دعوت واري ڪمري ۾ موٽي آيو، جتي ڏٺائين تہ هامان راڻي آستر جي پلنگ تي ڪريو پيو هو. تڏهن شهنشاهہ غصي وچان رڙ ڪري چيو تہ ”هو منهنجي روبرو منهنجي راڻيءَ ۾ هٿ وجھڻ کان بہ نہ ٿو مڙي!“ شهنشاهہ اهي لفظ چيا ئي مس تہ سندس خواجہسرا خدمتگارن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.
9
تڏهن شهنشاهہ جي حضور ۾ بيٺل خدمتگارن مان خربوناہ نالي هڪڙي چيو تہ ”هامان جي گھر جي ڀرسان ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهيل هئي، جيڪا هامان مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي جنهن اوهان شهنشاهہ سلامت جي زندگي بچائي هئي.“ تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ ڦاهي تي هن کي لٽڪايو وڃي.“
10
سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
Recommended Reading
Commentary
Esther Commentaries
→
Devotional
Esther Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→