bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Esther 8
Esther 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 9 →
1
انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر کي يهودين جي دشمن هامان جي سڄي ملڪيت ڏيئي ڇڏي. راڻي آستر شهنشاهہ کي اهو پڻ ٻڌايو تہ مردڪئي سندس مائٽ آهي. سو مردڪئيءَ کي شهنشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.
2
تڏهن شهنشاهہ پنهنجي مُهر واري منڊي، جيڪا هامان کان واپس ورتي هئائين سا لاهي مردڪئيءَ کي ڏني. هوڏانهن آستر مردڪئيءَ کي هامان واري ملڪيت جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو.
3
پوءِ آستر وري بہ شهنشاهہ جي پيرن تي ڪري کيس منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي. هن کيس روئيندي ليلائيندي چيو تہ ”هامان اجاجيءَ يهودين خلاف جيڪا بڇڙائي ۽ سازش تيار ڪئي هئي تنهن جو خاتمو آندو وڃي.“
4
تڏهن شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ آستر ڏانهن وڌائي تہ آستر اُٿي شهنشاهہ جي اڳيان ٿي بيٺي.
5
هوءَ کيس چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ مون سان راضي آهي ۽ مون سندس نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ جيڪڏهن هو مون تي مهرباني ڪري ۽ مناسب سمجھي تہ اهڙو حڪمنامو جاري ڪيو وڃي جو جيڪي خط هامان ولد همداتا اجاجيءَ شهنشاهہ جي سڀني صوبن ۾ رهندڙ يهودين کي قتل ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا سي رد ڪيا وڃن.
6
انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“
7
تڏهن شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ کي چيو تہ ”ڏسو، جيئن تہ هامان يهودين لاءِ برو چاهيو هو، تنهنڪري مون سندس سڄي ساري ملڪيت آستر کي ڏني آهي ۽ هامان کي ڦاسي ڏني ويئي آهي.
8
تنهنڪري هاڻ، اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين ڏانهن مون شهنشاهہ جي نالي لکو ۽ انهيءَ تي منهنجي مهر هڻو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خط شهنشاهہ جي نالي سان لکيو ويندو آهي ۽ انهيءَ تي شهنشاهہ جي منڊيءَ جي مهر هنئي ويندي آهي، تہ انهيءَ کي ڪوبہ ماڻهو رد نہ ٿو ڪري سگھي.“
9
تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسمالخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.
10
مردڪئيءَ اهو فرمان شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، جنهن تي شهنشاهہ جي منڊيءَ سان مهر هنيائين. پوءِ اهي خط شاهي گھوڙي سوار ٽپالين جي هٿان ڏياري موڪليائين، جيڪي تيز رفتار گھوڙن تي چڙهي روانا ٿي ويا.
11
انهن خطن ۾ لکيل شاهي فرمان مطابق هر شهر جي يهودين کي اها اجازت مليل هئي تہ اهي پاڻ ۾ گڏ ٿي پنهنجو بچاءُ ڪن. جيڪڏهن ڪنهن بہ قوم جو ڪوبہ لشڪر مٿن حملو ڪري تہ هو انهيءَ لشڪر، سندن عورتن ۽ سندن ٻارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏين ۽ ناس ڪن ۽ انهن جو مال ملڪيت لٽي پنهنجي قبضي هيٺ ڪن.
12
ائين ڪرڻ لاءِ يهودين واسطي شهنشاهہ اخسويرس جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ اڳ ۾ وڌل ڪڻي مطابق ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ تي هڪڙو ئي ڏينهن مقرر ڪيو ويو.
13
هر صوبي ۾ ان فرمان جو نقل جاري ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ هر قوميت وارن ۾ ان بابت اعلان ڪيو وڃي تہ جيئن ان ڏينهن تي يهودي پنهنجن دشمنن کان بچاءُ ڪن ۽ کانئن بدلو وٺي سگھن.
14
اهڙيءَ طرح شاهي حڪم موجب قاصد شاهي گھوڙن تي سوار ٿي هڪدم روانا ٿي ويا. سوسن جي شاهي قلعي ۾ پڻ اهو فرمان جاري ڪيو ويو.
15
تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.
16
اهو وقت يهودين لاءِ خوشيءَ، سرهائيءَ، جشن ۽ بلند رتبي جو وقت هو.
17
هر ڪنهن شهر ۽ هر ڪنهن صوبي ۾ جتي جتي اهو شاهي فرمان پهتو، اتي اتي يهودين ۾ تمام گھڻي خوشي ۽ سرهائي ٿي. هنن دعوتون ڪندي خوشيون پئي ملهايون. ٻين قوميتن وارا ڪيترائي ماڻهو يهودي بڻيا، ڇاڪاڻ تہ يهودين جو خوف انهن تي ڇانئجي ويو هو.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
Recommended Reading
Commentary
Esther Commentaries
→
Devotional
Esther Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→