bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Esther 4
Esther 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 5 →
1
جڏهن مردڪئيءَ کي انهيءَ سڄي ڳالهہ جي خبر پيئي تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ مٿي ۾ رک وجھي بدن تي کٿو ڍڪي شهر جي رستن تي اچي رڙيون ڪري روئڻ پٽڻ لڳو.
2
ان حالت ۾ هو شاهي قلعي جي دروازي تائين بہ اچي پهتو، پر جيئن تہ ڪنهن کي بہ اها اجازت نہ هئي تہ ڪوبہ کٿو ڍڪي شاهي قلعي جي دراوزي کان اندر لنگھي اچي، سو هو اندر نہ ويو.
3
هوڏانهن هر هڪ صوبي ۾، جتي جتي شهنشاهہ جو فرمان ۽ حڪم پهتو، اتي يهودين ۾ وڏو روڄ راڙو پئجي ويو. هنن کان کائڻ پيئڻ وسري ويو ۽ رڳو رنا ۽ رڙيا پئي. گھڻن تہ کٿا ڍڪي خاڪ کي پنهنجو بسترو بڻائي ڇڏيو.
4
جڏهن راڻي آستر کي سندس ٻانهين ۽ خواجہسرا خدمتگارن اچي مردڪئيءَ بابت ٻڌايو تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن مردڪئيءَ ڏانهن ڪپڙا موڪليا تہ هو کٿو لاهي اهي پائي، پر هن اهي ڪپڙا نہ ورتا.
5
تڏهن راڻي آستر شهنشاهہ جي هڪ خواجہسرا خدمتگار هتاڪ کي پاڻ وٽ گھرايو، جنهن کي شهنشاهہ سندس خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. راڻي آستر کيس حڪم ڏنو تہ مردڪئيءَ وٽ وڃي کانئس احوال وٺي تہ اهو سڀ ڪجھہ ڇا آهي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي.
6
سو هتاڪ شاهي قلعي جي دروازي جي سامهون شهر جي کُليل چونڪ ۾ مردڪئيءَ وٽ آيو.
7
تڏهن جيڪي ڪجھہ مردڪئيءَ سان وهيو واپريو هو سو سڀ ڪجھہ هن کيس ٻڌايو. هن ان چانديءَ جي باري ۾ بہ کيس ٻڌايو جيڪا هامان يهودين جي تباهيءَ جي عيوض شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو.
8
بلڪ مردڪئيءَ کيس ان لکيل حڪم جو نقل بہ ڏنو جيڪو يهودين جي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن شهر مان پڌرو ڪيو ويو هو. هن کيس چيو تہ هو اهو راڻي آستر کي ڏيکاري ۽ حال احوال بيان ڪري ٻڌائيس ۽ کيس تاڪيد ڪري تہ هوءَ شهنشاهہ وٽ وڃي پنهنجيءَ قوم جي پاران کيس منٿون ڪري.
9
تڏهن هتاڪ موٽي آستر وٽ آيو ۽ جيڪي مردڪئيءَ کيس چيو هو سو آستر کي ٻڌايائين.
10
مگر آستر هتاڪ کي سمجھائي حڪم ڏنو تہ وڃي مردڪئيءَ کي چوي تہ
11
”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“
12
جڏهن آستر جو اهو نياپو مردڪئيءَ کي ٻڌايو ويو
13
تڏهن هن واپس آستر ڏانهن جواب چوائي موڪليو تہ ”تون ائين نہ سمجھہ تہ شهنشاهہ جي محل ۾ هجڻ ڪري سڀني يهودين مان تون بچي ويندينء.
14
جيڪڏهن تون هن وقت ماٺ ڪري ويهي رهندينءَ تہ يهودين جو بچاءُ ڪنهن ٻئي هنڌان بہ ٿي ويندو. پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو ناس ٿي ويندو. تو کي ڪهڙي خبر آهي تہ شايد تون هن ئي وقت لاءِ انهيءَ مقام تي پهتي هجين؟“
15
تڏهن آستر مردڪئيءَ ڏانهن هي جواب ڏياري موڪليو تہ
16
”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“
17
تڏهن مردڪئيءَ وڃي اهو سڀ ڪجھہ ڪيو جيڪو آستر کيس چوائي موڪليو هو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
Recommended Reading
Commentary
Esther Commentaries
→
Devotional
Esther Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→