bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Esther 5
Esther 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 6 →
1
روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.
2
جڏهن شهنشاهہ راڻي آستر کي ايوان جي آڏو بيٺل ڏٺو، تڏهن هو راڻيءَ تي مهربان ٿيو ۽ سندس هٿ ۾ جيڪا سوني شاهي لٺ هئي سا آستر ڏانهن وڌايائين. آستر اڳتي وڌي اچي لٺ جي چوٽيءَ کي ڇهيو.
3
پوءِ شهنشاهہ پڇيس تہ ”اي راڻي آستر، ڪيئن آئي آهين؟ تو کي ڇا گھرجي؟ جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“
4
آستر کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت کي سٺو لڳي تہ اڄ اوهان شهنشاهہ سلامت ۽ هامان منهنجي دعوت کائين، جيڪا مون اوهان لاءِ تيار ڪئي آهي.“
5
تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”هامان کي جلدي گھرايو وڃي تہ جيئن اسين راڻي آستر جي دعوت ۾ شريڪ ٿيون.“ سو شهنشاهہ ۽ هامان انهيءَ دعوت ۾ شريڪ ٿيا جيڪا آستر سندن لاءِ جھلي هئي.
6
شهنشاهہ مئي پيئڻ مهل راڻي آستر کي وري چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھر. جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو بہ گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“
7
تڏهن آستر ورندي ڏيئي کيس چيو تہ ”منهنجو عرض هي آهي تہ
8
جيڪڏهن شهنشاهہ مون تي مهر جي نظر ڪئي آهي ۽ شهنشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ گھري ٿو تہ سڀاڻي اوهين شهنشاهہ ۽ هامان مون وٽ ٻيهر دعوت کائڻ لاءِ اچو جيڪا آءٌ اوهان لاءِ تيار ڪنديس. پوءِ آءٌ شهنشاهہ سلامت آڏو پنهنجي خواهش بيان ڪنديس.“
9
انهيءَ ڏينهن هامان ڏاڍو سرهو ۽ هشاش بشاش ٿي اتان ٻاهر نڪتو. پر جڏهن هن مردڪئيءَ کي شاهي قلعي جي دروازي وٽ ڏٺو، جيڪو کيس ڏسي اُٿي نہ بيٺو بلڪ پنهنجي جاءِ تان چريو بہ ڪين، تڏهن هامان مردڪئيءَ تي تپي باهہ ٿي ويو.
10
پر ان وقت هامان پاڻ تي ضابطو ڪري ورتو ۽ ماٺ ڪري گھر هليو ويو. پوءِ هامان پنهنجي دوستن ۽ پنهنجيءَ زال زرش کي پاڻ وٽ گھرايو.
11
هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.
12
هامان وڌيڪ چيو تہ ”نہ رڳو ايترو پر جيڪا دعوت راڻي آستر ڪئي آهي تنهن ۾ شهنشاهہ سان گڏ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ نہ سڏيو اٿائين. هن سڀاڻي واري دعوت ۾ بہ مون کي ئي شهنشاهہ سان گڏ سڏيو آهي.
13
پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مون کي اطمينان نہ ٿو رهي جيستائين آءٌ مردڪئي يهوديءَ کي شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ ويٺل ٿو ڏسان.“
14
تنهن تي سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن کيس صلاح ڏني تہ ”ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهراءِ ۽ سڀاڻي صبح جو شهنشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئيءَ کي ان تي چاڙهي ڦاهي ڏياري ڇڏي. پوءِ تون شهنشاهہ سان گڏجي دعوت ۾ وڃي خوشيون ملهاءِ.“ هامان کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، سو هن ڦاهي ٺهرائي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
Recommended Reading
Commentary
Esther Commentaries
→
Devotional
Esther Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→