bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Micah 2
Micah 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 3 →
1
ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.
2
هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.
3
اهو ئي سبب آهي جو خداوند پاڻ بہ انهن جي خلاف منصوبا جوڙي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان اميرن تي آفت نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن مان اوهين بچي ڪين سگھندا. هائو، اوهان تي اهڙو تہ برو وقت اچڻ وارو آهي، جو اوهين اڳتي مغروريءَ سان هلي نہ سگھندا.
4
جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن ماڻهو اوهان جي آيل آفت تي ٺٺوليون ڪندي اوهان جي پاران هي دردناڪ مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’افسوس! اسين امير برباد ٿي وياسين، اسين بلڪل لٽجي وياسين. خداوند اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو آهي. هائو، هن اسان جون ٻنيون اسان تي قبضو ڪندڙن کي ورهائي ڏنيون آهن.‘“
5
پوءِ جڏهن خداوند جو پنهنجيءَ قوم کي سندن ملڪيت موٽائي ڏيڻ جو وقت ايندو، تڏهن انهن اميرن مان ڪنهن کي بہ حصو نہ ملندو.
6
اهي امير مون کي ڇينڀيندي چون ٿا تہ ”اسان کي نہ ڊيڄار! هائو، اڳڪٿيون ڪري اهڙيون ڳالهيون نہ ڪر، خداوند اسان کي خوار خراب نہ ڪندو.
7
اسان يعقوب جي اولاد بابت تو کي اهڙي ڳالهہ نہ چوڻ گھرجي. ڇا خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ناهي؟ ڇا اهڙو عمل خدا جي لائق آهي؟ ڇا هن سچارن کي هميشہ پنهنجي برڪتن سان نہ نوازيو آهي؟“
8
پر خداوند انهن بني اسرائيل جي اميرن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين لهڻيدار منهنجي قوم جي غريبن تي دشمن وانگر حملو ٿا ڪريو. جڏهن جنگ تان موٽندڙ سپاهي اهو سوچيندي پنهنجي گھر اچن ٿا تہ اتي هو امن ۽ سلامتيءَ سان هوندا، تڏهن اوهين سندن تاڙ ۾ آهيو تہ قرض ۾ انهن جا ڪپڙا بہ لاهي وٺو.
9
اوهين مردن جي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي قوم جي عورتن کي سندن پيارن گھرن مان تڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سندن ننڍڙن ٻارن کان منهنجيون ڏنل سهولتون کسي ٿا وٺو، جنهن ڪري اهي ٻار اڳتي وڌي نہ ٿا سگھن.
10
سو اي ظالمؤ! نڪرو، هن ملڪ مان هليا وڃو! ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري هن ملڪ ۾ سخت بربادي اچڻي آهي، جنهن ڪري هتي ڪو امن وَ سڪون نہ رهندو.“
11
هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“
12
خداوند بني اسرائيل سان واعدو ٿو ڪري تہ ”اي يعقوب جو اولاد! آءٌ اوهان جي باقي بچيلن کي گڏ ڪري ضرور سندن وطن ڏانهن ائين موٽائي آڻيندس، جيئن هڪ ڌنار پنهنجي رڍن جي ڌڻ کي هڪلي آڻي سندن چراگاهہ ۾ گڏ ڪندو آهي. پوءِ اوهان جو ملڪ وري رونقن سان ڀرجي ويندو.
13
هائو، آءٌ خداوند انهن باقي بچيلن جون رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيندس ۽ کين جلاوطنيءَ مان موٽائي آڻيندس. اهي قيد جا دروازا ڀڃي نڪري آزاد ٿيندا. بلڪ آءٌ خداوند ئي کين ٻاهر ڪڍي ايندس، ۽ سندن بادشاهہ هوندس.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7