bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Micah 5
Micah 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 6 →
1
اي يروشلم جا رهاڪؤ! پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪري تيار ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي دشمن لشڪرن اچي اوهان جو گھيرو ڪيو آهي. اهي بني اسرائيل جي حڪمران جي بيعزتي ڪري سندس ڳلن تي لڪڻ هڻندا.
2
پر هوڏانهن خداوند بيتلحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“
3
خداوند پنهنجي قوم کي تيستائين سندن دشمنن جي هٿ ۾ ڇڏي ڏيندو، جيستائين اهو حڪمران پنهنجي ماءُ جي پيٽان نہ ڄمي. پوءِ حڪمران جي قوم وارا جيڪي جلاوطنيءَ ۾ آهن، سي موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ٿيندا، ۽ باقي اتي رهيل بني اسرائيل سان گڏ رهندا.
4
تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.
5
بيشڪ انهيءَ جي اچڻ سان خوشحالي ۽ سلامتي ملندي. جڏهن اشوري اسان بني اسرائيل جي ملڪ تي اچي حملو ڪندا ۽ اسان جي ڪوٽن وارن شهرن ۾ گھڙي ايندا، تڏهن اسين پنهنجي گھڻن ئي طاقتور سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ سندن مقابلو ڪنداسين.
6
انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.
7
بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.
8
جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.
9
اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي دشمنن تي غالب پوندا، ۽ سڀني کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.
10
خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ وقت آءٌ اوهان جا گھوڙا، بلڪ اوهان جون جنگي گھوڙي گاڏيون ناس ڪري ڇڏيندس، جن تي اوهين توڪل رکو ٿا.
11
اوهان جي ملڪ جا شهر ۽ مضبوط قلعا، جن ۾ حفاظت جي لحاظ کان اوهان کي ڀروسو آهي، تن سڀني کي آءٌ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.
12
آءٌ اوهان مان جادوگريءَ وارا ڪم ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ نہ وري اڳتي اوهان ۾ ڪو فال وجھندڙ ئي رهندو.
13
آءٌ اوهان جون تراشيل مورتيون، ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر، ۽ يسيرہ نالي اوهان جي ديويءَ جا کوڙيل بت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. بلڪ آءٌ اوهان جا بتپرستيءَ وارا شهر بہ ناس ڪري ڇڏيندس. اوهين اڳتي وري ڪڏهن بہ پنهنجي هٿن سان جوڙيل شين جي پوڄا نہ ڪندا.
15
بلڪ آءٌ پنهنجو قهر وَ غضب نازل ڪري انهن قومن کان بدلو وٺندس، جن منهنجي نافرماني ڪئي آهي.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
Recommended Reading
Commentary
Micah Commentaries
→
Devotional
Micah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→