bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Micah 3
Micah 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 4 →
1
اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. ڇا اوهان جو اهو فرض ناهي جو اوهين انصاف قائم ڪريو؟
2
پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو. جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي، تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو. ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو.
4
سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا، پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو. اوهان جي بدڪارين جي ڪري هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو.
5
نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.
6
سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا، ۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا. هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي ۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي.
7
سو اي غيبدانو ۽ فالون وجھندڙؤ! هاڻ اوهين پنهنجي ناڪاميءَ سبب ذليل ۽ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي طرفان اوهان جي منٿن جو ڪو جواب نہ ملندو.“
8
پر خداوند مون ميڪاہ تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي طاقت، عدل ۽ دليري عطا ڪري ڇڏي آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يعقوب جي اولاد بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن کان آگاهہ ڪريان.
9
سو اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. اوهين جيڪي انصاف کان نفرت ٿا ڪريو، ۽ سچ کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، سي هيءَ ڳالهہ ٻڌي ڇڏيو تہ
10
اوهين خداوند جي شهر يروشلم کي تہ اڏايو ٿا پر انهيءَ اڏاوت ۾ خونريزي ۽ ناانصافي شامل آهي.
11
اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ” خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“
12
تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7