bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Micah 4
Micah 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 5 →
1
ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.
2
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“
3
خداوند ويجھين توڙي پري وارين زورآور قومن جي وچ ۾ عدالت ڪري سندن جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.
4
تڏهن هر ڪو ماڻهو بيخوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادرمطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.
5
جيئن تہ ٻي هر ڪا قوم الڳ الڳ معبودن جي پوڄا ۽ فرمانبرداري ڪري ٿي، پر اسين هميشہ هميشہ تائين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا رهنداسين.
6
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهو وقت ضرور ايندو جڏهن آءٌ پنهنجيءَ قوم جي انهن ماڻهن کي موٽائي آڻي گڏ ڪندس، جن کي مون سزا ڏيئي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي، جتي هنن ڏک سٺا آهن.
7
اهي پنهنجي وطن کان پري ۽ بيوس آهن. بلڪ جيڪي بہ بني اسرائيل جا باقي بچي ويل آهن، تن سڀني کي آءٌ وري بحال ڪري هڪ زورآور قوم بڻائيندس. ان وقت کان وٺي آءٌ خداوند صيئون جبل تان هميشہ تائين مٿن حڪومت ڪندو رهندس.
8
هاڻ تون اي يروشلم! جنهن ۾ آءٌ خدا پنهنجيءَ قوم جي ائين سنڀال ڪندس، جيئن ريڍار ٺُلهہ تي ويهي پنهنجي ڌڻ جو پهرو ڏيندو آهي، تون ئي هڪ دفعو وري بادشاهہ جي گاديءَ جو شهر بڻبين.“
9
اي يروشلم جي وسندي! تون ڇو ٿي رڙيون ڪري روئين؟ ڇا تو ۾ ڪو بادشاهہ ڪونهي؟ ڇا تنهنجا صلاحڪار مري کپي ويا آهن؟ ڇو تون اهڙي تڪليف ۾ آهين، جو ڄڻ تو کي ويم واري عورت جي سورن اچي ورايو هجي؟
10
تون ڀلي هڪ ويم واري عورت وانگر تڙپندي لڇندي رڙيون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هاڻي تنهنجا رهاڪو تو کي ڇڏي کُليل ميدان ۾ وڃي رهڻ وارا آهن، بلڪ هو بابل ملڪ ڏانهن جلاوطن ٿيڻ وارا آهن. پر تنهن هوندي بہ اتي خداوند اچي انهن کي بچائيندو. هائو، اهو انهن کي سندن دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.
11
اي يروشلم جي وسندي! گھڻين ئي قومن وارن اچي تنهنجو گھيرو ڪيو آهي. اهي چون ٿا تہ ”اسين يروشلم جي عزت لٽينداسين، ۽ اسان جون اکيون انهيءَ کي خوار خراب ٿيندي ڏسنديون.“
12
پر اهي خداوند جي ارادن کي نہ ٿا ڄاڻين، اهي اها ڳالهہ سمجھن ئي نہ ٿا تہ خداوند کين اهڙي سزا ڏيڻ لاءِ هتي آڻي گڏ ڪيو آهي، جيئن اناج جا گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.
13
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِغنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون ربالعالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7