bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Micah 6
Micah 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 7 →
1
اي دنيا جي مخلوق! خداوند جو مقدمو ٻڌو. اي خداوند! اچي پنهنجي قوم خلاف شڪايت ائين ٻڌاءِ جو جبل ۽ ٽڪر تنهنجو آواز ٻڌن.
2
اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو. هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.
3
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان سان ڪهڙو غلط هليو آهيان؟ مون اوهان تي ڪهڙو ٻوجھہ وڌو آهي؟ اوهين مون تي ثابت ڪريو.
4
آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.
5
اي منهنجي قوم! ياد ڪريو تہ موآب جي بادشاهہ بلق اوهان بابت ڪهڙا بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙيا هئا، ۽ بلعام ولد بعور هن کي ڪهڙي ورندي ڏني هئي. اهو بہ ياد ڪريو تہ شطيم کان جِلجال تائين اوهان سفر ڪندي ڪهڙي نموني اردن درياءُ پار ڪيو. پوءِ اوهين مڃيندا تہ اوهان کي بچائڻ لاءِ مون خداوند ڇا ڇا ڪيو.“
6
پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ ”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟ ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟
7
ڇا خداوند هزارين گھيٽن يا زيتون جي تيل جون نديون پيش ڪرڻ سان اسان تي راضي ٿيندو؟ ڇا اسين پنهنجي گناهن جي عيوض پنهنجا پهريتا ٻار سندس آڏو پيش ڪريون، جيڪي اسان کي پنهنجيءَ جان کان بہ وڌيڪ پيارا آهن؟“
8
اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.
9
اها دانائي آهي تہ خداوند کان ڊڄڻ گھرجي. خداوند يروشلم شهر وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ ”ٻڌو، اي شهر ۾ گڏ ٿيڻ وارؤ! منهنجو هي پيغام ٻڌو.
10
بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بيايمانيءَ سان حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن. هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن، جن کان مون کي نفرت آهي.
11
ڇا اهڙين ٺڳيءَ وارين تارازين ۽ کوٽن وٽن جا ٿيلها رکڻ وارن کي آءٌ خداوند وساري ڇڏيان؟
12
اوهان جي شاهوڪار ماڻهن غريبن تي ظلم وَ زبردستي پئي ڪئي آهي. اوهين سڀ ڪوڙا آهيو، ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون پيا ڪريو.
13
تنهنڪري اوهان جي گناهن سبب آءٌ بہ اوهان کي موتمار زخم رسائي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.
14
اوهين کائيندا، پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو، بلڪ اوهان جو پيٽ بکيو ئي رهندو. اوهين ڪفايت ڪري ميڙيندا، پر اوهان وٽ بچندو ڪجھہ بہ ڪونہ. هائو، اوهان جي هر بچائي رکيل شيءِ آءٌ جنگ ۾ تباهہ ڪري ڇڏيندس.
15
اوهين پوکيندا، پر لڻندا ڪجھہ بہ ڪين. اوهين زيتون جو تيل تہ لتاڙي ڪڍندا، پر اهو استعمال ڪري نہ سگھندا. اوهين انگورن مان مئي تہ ٺاهيندا، پر اها پيئي نہ سگھندا.
16
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
Recommended Reading
Commentary
Micah Commentaries
→
Devotional
Micah Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→