bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Micah 7
Micah 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
1
حيف آهي منهنجي حال تي! ڇاڪاڻ تہ آءٌ ميڪاہ اهڙي بکايل وانگر آهيان، جيڪو گرميءَ جا ميوا پٽجي وڃڻ، يا انگور چونڊجي وڃڻ کان پوءِ انهن ميون جو بکايل رهي ٿو. هائو، هن جي کائڻ لاءِ نہ ڪو انگورن جو ڇڳو بچيو آهي، ۽ نہ ئي پهريان پڪل دل کي وڻندڙ انجير ئي آهن.
2
ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هموطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.
3
هنن جا هٿ بڇڙائي ڪرڻ ۾ مهارت ٿا رکن، عملدار توڙي قاضي رشوت گھري ٿا وٺن، ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جون دليون حرص مان نہ ٿيون ڀرجن. انهيءَ کان علاوہ اهي سڀ گڏجي سازشون بہ ڪن ٿا.
4
بلڪ جيڪي بہ انهن مان نيڪ ۽ سچا سمجھيا وڃن ٿا، سي بہ ڪنڊي ڪانڊيري جي ٻوٽي مثل خراب آهن. انهيءَ ڪري اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جڏهن خدا انهن کي سزا ڏيندو، جنهن بابت سندن نگهبانن يعني نبين جي معرفت خدا کين اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. سزا واري ڏينهن انهن کي حيراني وَ پريشاني وٺي ويندي.
5
سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.
6
هنن ڏينهن ۾ پٽ پنهنجي پيءُ جي بيعزتي ٿو ڪري، ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان ۽ ننهن پنهنجي سس سان وڙهڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. مطلب تہ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ئي ڀاتي آهن.
7
باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.
8
اي اسان جا دشمنؤ! اسان جي مشڪلاتن تي خوشيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اسين ڪري پيا آهيون، تڏهن بہ خدا اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو. ڀلي کڻي هن وقت اسين اونداهيءَ ۾ آهيون، پر خداوند اسان کي روشني عطا ڪندو.
9
جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين، ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي. هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو. بيشڪ هن جي ئي هٿان اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.
10
تڏهن اي اسان جا دشمنؤ! اوهين اهو ڏسندا ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اوهين اسان کي اهو طعنو هڻي چوندا آهيو تہ ” خداوند اوهان جو خدا ڪٿي آهي؟“ سو هاڻ اسين اوهان کي گھٽين جي ڌوڙ ۾ لتاڙبو ڏسنداسين.
11
اي يروشلم جا رهاڪؤ! شهر جي ڀتين جي نئين سر تعمير جو وقت اچي رهيو آهي. انهيءَ وقت اوهان جي علائقي جون حدون وڌايون وينديون.
12
انهن ڏينهن ۾ اوهان جي قوم جا جلاوطن ٿيل ماڻهو هر طرف کان اوهان وٽ موٽي ايندا. هائو، اهي اوڀر طرف اشور مان، ڏکڻ طرف مصر مان، بلڪ مصر کان وٺي اشور جي فرات نديءَ تائين سڄي علائقي کان ۽ ڏورانهن سمنڊن کان توڙي پري پري جي جابلو علائقن کان اوهان وٽ موٽي ايندا.
13
پر انهن قومن جا ملڪ جتان اهي موٽي ايندا، سي بڇڙن عملن جي ڪري ويران ٿي ويندا.
14
اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.
15
اي خداوند! اسان کي پنهنجا معجزا ڏيکار، جيئن تو انهن ڏينهن ۾ ڏيکاريا هئا، جڏهن تون اسان کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئين.
16
ٻيون قومون تنهنجا اهي معجزا ڏسنديون، ۽ پنهنجي پوري طاقت جي باوجود هر ڳالهہ هارائي ويهنديون. شرمندگيءَ ۽ دهشت وچان اهي گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويندا.
17
اهي پنهنجن مضبوط قلعن منجھان مٽيءَ ۾ سرندڙ نانگن ۽ جيتن وانگر ڏڪندي ۽ ڊڄندي ٻاهر نڪري ايندا. هائو، اهي خوف وچان ڏڪندي تو خداوند اسان جي خدا جا اچي تابعدار ٿيندا.
18
اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.
19
تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.
20
تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7