bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Romans 13
Romans 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
1
هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا خدا جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.
2
تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن.
3
چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿا گھرو، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪريو تہ هو اوهان جي نيڪي ڪندو،
4
ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو خدا جو خادم آهي تہ جيئن سندس غضب موجب بڇڙي کي سزا ڏئي.
5
تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي.
6
اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.
7
سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.
8
هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري شريعت تي عمل ڪري ڇڏيو.
9
هائو، شريعت جي هنن حڪمن يعني ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر“ سان گڏوگڏ جيڪي بہ حڪم آهن سي سڀ هن هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“
10
جيڪو ڪنهن سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنهنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آهي.
11
اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جو مڪمل ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آهي.
12
رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون.
13
اهڙيءَ طرح فضيلت سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوتپرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ حسد ۾ هلو.
14
اٽلندو خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ جسماني خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16