bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Romans 2
Romans 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 3 →
1
هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.
2
جڏهن تہ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا تن بابت خدا جو فيصلو حق سچ وارو آهي.
3
اي انسان! تون اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي تہ الزام هڻين ٿو، پر پاڻ بہ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين! ڇا تون ائين ٿو سمجھين تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟
4
ائين ٿو لڳي جو تون خدا جي ڀلائيءَ، بردباريءَ ۽ صبر واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟
5
پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.
6
خدا هر ڪنهن کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.
7
جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.
8
پر جيڪي خودغرض آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قهر نازل ٿيندو.
9
بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ.
10
پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي خدا عزت، عظمت ۽ سلامتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ،
11
ڇاڪاڻ تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.
12
خدا هر گناهہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناهہ ڪيا، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن شريعت هوندي گناهہ ڪيا، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.
13
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا شريعت ٻڌڻ وارن کي نہ، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارن کي ئي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.
14
غير قومون جن وٽ شريعت ڪانهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب شريعت جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن، توڙي جو انهن وٽ شريعت نہ آهي.
15
انهن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.
16
مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو.
17
هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين شريعت تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ خدا سان پنهنجي تعلق تي فخر ٿا ڪريو.
18
شريعت جي تعليم مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ خدا جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن.
19
اوهين پنهنجو پاڻ تي يقين ٿا رکو تہ ”اسين انڌن لاءِ رهبر ۽ انهن لاءِ روشني آهيون جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن.
20
اسين بيسمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن جا استاد آهيون، ڇاڪاڻ تہ شريعت جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“
21
هاڻ ٻڌايو تہ ٻين کي تہ اوهين اهو سڀ سيکاريو ٿا، پر پاڻ ڇو نہ ٿا سکو؟ اوهين اعلان ڪريو ٿا تہ ”چوري نہ ڪريو،“ پر پاڻ چوري ڇو ٿا ڪريو؟
22
اوهين چئو ٿا تہ ”زنا نہ ڪريو،“ پر اوهين پاڻ زنا ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين بتن کان تہ نفرت ڪريو ٿا، پر اوهين مندرن جون ڦُريل شيون ڇو ٿا استعمال ڪريو؟
23
اوهين شريعت تي فخر تہ ڪريو ٿا، پر پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بيحرمتي ڇو ٿا ڪريو؟
24
اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“
25
طهر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين شريعت تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ شريعت جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو طهر جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.
26
جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو طهر ٿيل نہ آهي، پر هو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طهريلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟
27
جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو طهر ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ شريعت بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو طهر ٿيل نہ آهي، پر شريعت جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟
28
اهو ماڻهو حقيقي يهودي نہ آهي، جيڪو رڳو نالي جو يهودي هجي ۽ نہ ئي اهو طهر حقيقي آهي، جيڪو رڳو ظاهري ۽ جسماني طهر هجي.
29
پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل خدا ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي طهر اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو طهر لکيل شريعت مطابق نہ، پر روحاني هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16