bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Romans 6
Romans 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 7 →
1
تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ گناهہ ڪندا رهون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟
2
نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي گناهہ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن گناهہ واري زندگي گذاري ٿا سگھون؟
3
ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟
4
تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پيءُ جي عظمت واري قدرت سان مئلن مان جيئرو ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر زندگي گذاريون.
5
جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين.
6
سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،
7
ڇاڪاڻ تہ جيڪو مسيح سان گڏ مري ويو سو گناهہ کان آزاد ڪيو ويو آهي.
8
هاڻ جڏهن اسين مسيح سان گڏ مري ويا آهيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آهي تہ ساڻس گڏ جيئري رهڻ ۾ بہ شامل رهنداسين،
9
ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي.
10
هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ گناهہ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيئرو ٿيو آهي تہ سندس زندگي خدا لاءِ مخصوص آهي.
11
اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهين پنهنجي زندگي خدا لاءِ مخصوص سمجھو.
12
تنهنڪري اوهين پنهنجي هن فاني جسم ۾ گناهہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين گناهہ وارين خواهشن جي تابعداري ڪريو.
13
پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.
14
سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو.
15
پوءِ ڇا اسين گناهہ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين شريعت جي نہ، پر خدا جي فضل جي تابع آهيون؟ نہ، هرگز نہ.
16
ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي.
17
حقيقت ۾ اوهين اڳي گناهہ جا غلام هئا، پر خدا جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل تعليم تي هلندي دل وَ جان سان ان جي تابع ٿيا آهيو.
18
هائو، اوهين گناهہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو.
19
اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
20
جڏهن اوهين گناهہ جا غلام هئا، تڏهن اوهان تي سچائيءَ جي ڪا پابندي نہ هئي.
21
پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي.
22
پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي.
23
بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16