bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Romans 9
Romans 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 10 →
1
آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ
2
مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان.
4
اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي خدا پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ساڻن پنهنجا عهد ٻڌائين ۽ کين شريعت عطا ڪيائين. اهي ئي حقيقي عبادت ۽ سندس واعدن جا حقدار آهن.
5
اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.
6
هاڻ جيڪڏهن اهي ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ خدا جو انهن سان ڪيل واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن
7
۽ نہ وري ابراهيم جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ خدا جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ ابراهيم کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اسحاق مان ئي سڏي ويندي.“
8
مطلب تہ جسماني لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار خدا جا ٻار نہ آهن، پر ابراهيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي ئي ابراهيم جو اولاد ليکجن ٿا.
9
خدا جو ساڻس اهو واعدو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ”ايندڙ سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ موٽي ايندس، تڏهن سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“
10
اسان جي وڏن مان هڪ ٻيو مثال هي آهي جڏهن اسحاق کي ربقہ مان جاڙا ٻار پيدا ٿيا.
11
انهن ٻارن جي ڄمڻ ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو،
13
جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“
14
پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا وٽ سچائي نہ آهي؟ نہ، هرگز نہ.
15
خدا پاڻ موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنهن تي ٻاجھہ ڪندس.“
16
تنهنڪري اهو نہ انسان جي خواهش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اهو سڀ خدا جي رحم وَ ڪرم تي مدار رکي ٿو.
17
پاڪ ڪلام ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاهہ انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان ۽ دنيا ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“
18
مطلب تہ خدا جنهن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.
19
هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو خدا جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي گنهگار قرار ڏئي؟“
20
پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو خلقيو آهي؟“
21
ڇا ڪنڀر کي اهو اختيار نہ آهي جو هو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان هڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟
22
سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجو غضب ظاهر ڪرڻ ۽ قدرت ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن غضب وارن ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا.
23
يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو خدا پنهنجي جلوي جي دولت انهن رحم وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،
24
يعني اسان کي، جن کي هن نہ رڳو يهودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊي ورتو آهي.
25
اهو هوسيع نبيءَ جي پاڪ لکت مطابق آهي، جنهن ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“
26
اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’زندہ خدا جا ٻار‘ سڏبا.“
27
جڏهن تہ بني اسرائيل بابت يسعياہ نبي پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.
28
خداوند پنهنجي انهيءَ ٻڌايل فيصلي کي ڌرتيءَ تي جلد ئي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻيندو.“
29
يسعياہ نبيءَ هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“
30
ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن ايمان رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.
31
ان جي ابتڙ بني اسرائيل ، جيڪي شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، سي انهيءَ ۾ ناڪام ٿي ويا.
32
ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن ايمان رکڻ جي وسيلي نہ، پر شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.
33
اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16