bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Romans 16
Romans 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
1
اسان جي همايمان ڀيڻ فيبي، جيڪا ڪنخريا شهر واري ڪليسيا جي خدمتگار آهي، تنهن جي آءٌ اوهان کي پارت ٿو ڪريان تہ
2
اوهين خداوند عيسيٰ جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي.
3
پرسڪلا ۽ سندس مڙس اڪولا کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪي نہ رڳو مون سان گڏجي عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪندا رهيا آهن،
4
بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون ڪليسيائون پڻ ٿورائتيون آهن.
5
جيڪا ڪليسيا سندن گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي، تنهن کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري دوست اپينتس کي سلام چئجو، جيڪو آسيا صوبي ۾ پهريون شخص آهي جنهن مسيح تي ايمان آندو هو.
6
مريم کي منهنجا سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي.
7
منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل تبليغ ڪندڙن طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي ايمان آندو هو.
8
امپلياطس کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح ۾ منهنجو پيارو ڀاءُ آهي.
9
اُربانُس کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي خدمت ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ سلام ڏجو.
10
اپليس کي سلام ڏجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن ايمان وارن کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن.
11
هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا سلام ڏجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا سلام ڏجو.
12
تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.
13
روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو.
14
اسنڪرتس، فلگون، هرميس، پترباس، هرماس ۽ انهن سان گڏ جيڪي ٻيا ايمان وارا ڀائر ڀينر آهن، تن کي بہ منهنجا سلام ڏجو.
15
فِللگس ۽ ڀيڻ يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ کان علاوہ اُلمپاس ۽ انهن سان گڏ جيڪي بہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل آهن، تن سڀني کي منهنجا سلام ڏجو.
16
هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون.
17
آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي گمراهہ ڪن ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو.
18
هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.
19
جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو.
20
تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.
21
مون سان گڏ خدمت ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.
22
آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان کي سلام ٿو چوان.
23
گيُس بہ اوهان کي سلام ٿو ڏئي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي ڪليسيا جي پنهنجي گھر ۾ مهماننوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو همايمان ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي سلام ڏئي رهيا آهن.
25
جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.
27
شل عيسيٰ مسيح جي وسيلي انهيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي واکاڻ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16