bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Romans 7
Romans 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 8 →
1
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي شريعت کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آهي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم هلي ٿو.
2
مثال طور شريعت موجب زال پنهنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رهي ٿي. پر جڏهن اهو مڙس مري وڃي ٿو تہ هوءَ سندس شاديءَ واري ٻنڌڻ کان آزاد ٿئي ٿي.
3
جيڪڏهن اها عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنهن ٻئي مرد سان لاڳاپو رکي ٿي تہ اها زناڪار سڏبي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ هوءَ شريعت موجب آزاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن بہ مرد سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي تہ اها زناڪار نہ سڏبي.
4
منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ شريعت جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ خدا جي لائق ڦل جھلينداسين.
5
جڏهن اسين رڳو انساني فطرت موجب رهندا هئاسين، تڏهن اسان جون نفساني خواهشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض هيون، جنهن ڪري اسان موت جي لائق ڦل جھليوسين.
6
پر هاڻ اسين شريعت جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح واري نئين زندگيءَ جا پابند آهيون.
7
پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ شريعت خود گناهہ آهي؟ نہ، بلڪل نہ. جيڪڏهن شريعت نہ هجي ها تہ مون کي گناهہ جي خبر نہ پوي ها. جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر ئي نہ پوي ها.
8
پر شريعت جي انهيءَ حڪم جي ڪري گناهہ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ شريعت کان سواءِ گناهہ مئل آهي.
9
ڪو وقت هو جڏهن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو هئس. پر جڏهن شريعت وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن گناهہ جيئرو ٿي پيو
10
۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح معلوم ٿيو تہ شريعت وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.
11
گناهہ وجھہ وٺي شريعت واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.
12
هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ ، سچا ۽ چڱا آهن،
13
تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو گناهہ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح شريعت وارن حڪمن جي وسيلي گناهہ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.
14
اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت روحاني آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ گناهہ جي هٿ وڪاميل آهيان.
15
ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ خبر نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي.
16
جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت چڱي آهي.
17
سو هاڻوڪي حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو گناهہ آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي.
18
آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي.
19
هائو، آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اهي ڪريان ٿو.
20
هاڻي جڏهن آءٌ اهڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ اهي ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو گناهہ ئي آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي.
21
تنهنڪري مون ۾ هڪ اهڙو حڪم ڪم ڪندي نظر اچي ٿو جو آءٌ جڏهن چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انهن جي بدران بڇڙا ڪم ٿيو پون.
22
منهنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آهي،
23
پر آءٌ پنهنجي جسم جي عضون ۾ انهيءَ ٻئي حڪم کي ڪم ڪندي ڏسان ٿو، جيڪو منهنجي دلي سوچ سان جنگ ڪري ٿو. اهو مون کي گناهہ جي انهيءَ حڪمرانيءَ جو غلام ٿو بڻائي، جيڪا منهنجي عضون ۾ موجود آهي.
24
سو آءٌ ڪيڏو نہ نڀاڳو ماڻهو آهيان! مون کي اهڙي جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنهن جي وسيلي موت ايندو؟
25
انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان خدا جي شريعت جي تابع آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا گناهہ جي حڪم جي تابع آهي.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16