bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Amos 1
Amos 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 2 →
1
هي ڳالهيون تقوع شهر جي ڌنار عاموس جون آهن. اسرائيل وارن بابت اهي ڳالهيون يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ عُزياہ ۽ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ يربعام ثاني ولد يهوآس جي ڏينهن ۾ زلزلي کان ٻہ سال اڳ خدا عاموس کي رويا ۾ ڏيکاريون.
2
عاموس چيو تہ ” صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“
3
ارام وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”دمشق شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن جِلعاد شهر وارن کي ڳاهڻ وارن لوهي اوزارن سان ڳاهي ڇڏيو آهي.
4
تنهنڪري آءٌ اهڙي باهہ موڪليندس، جيڪا بنهدد بادشاهہ جي ٺهرايل قلعي ۽ انهيءَ ۾ حزائيل بادشاهہ جي محل کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
5
آءٌ انهيءَ قلعي واري شهر دمشق جا دروازا ڀڃي ڇڏيندس، ۽ آون ماٿريءَ ۽ بيتعدن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي نابود ڪري ڇڏيندس. پوءِ ارامين مان باقي بچيل قيد ٿي قير ملڪ ڏانهن نيا ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.
6
فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.
7
تنهنڪري آءٌ غزہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس، جيڪا انهيءَ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
8
آءٌ عقرون شهر کي سزا ڏيندس، بلڪ اشدود ۽ اسقلون شهرن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي بہ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، اهڙيءَ طرح فلستين جا باقي بچيل سڀيئي ماڻهو چٽ ٿي ويندا.“ اهو خداوند خدا جو فرمان آهي.
9
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.
10
تنهنڪري آءٌ صور شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني رهاڪن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
11
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ” ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.
12
تنهنڪري آءٌ تيمان شهر تي باهہ موڪليندس، جيڪا ان سان گڏ بُصراہ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
13
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ” عمون علائقي وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي سرحدن کي وڌائڻ جي انڌ ۾ جِلعاد علائقي جي حاملہ عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا.
14
تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.
15
انهن جو بادشاهہ پنهنجي عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
Recommended Reading
Commentary
Amos Commentaries
→
Devotional
Amos Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→